جي يو آءِ پاران اسلام آباد مارچ ۽ جي ايڇ ڪيو آڏو ڌرڻي جو چتاءُ

اسلام آباد(شهباز گل) جي يو آءِ (ف) جي خيبر پختونخوا جي امير مولانا عطاالرحمان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان جي شهيدن بابت بيان کي توڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي ۽ معافي گهرڻ جو ڪو سبب ناهي. هن جنرلن کي چيلينج ڪندي چيو ته "جيڪڏهن جرات اٿو ته مولانا جي خلاف ايف آئي آر  داخل ڪري ڏيکاريو.ٻئي پاسي جي يو آئي (ف) جي سيڪريٽري جنرل غفور حيدري چيو آهي ته جيڪڏهن فضل الرحمان صاحب جي خلاف ڪمپين نه روڪي وئي ته اسان جي ايڇ ڪيو  تي چڙهائي ڪنداسين. مولانا عبدالغفور حيدري به اسلام آباد مارچ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي، هاڻي سوال اهو آهي ته جتي عمران خان جهڙي وڏي ليڊر کي ناهي ڇڏيو  ويو، اتي فضل الرحمان جي پارٽي کي ايترو اعتماد ڪٿان آيو آهي جو هو جنرلن کي للڪاري رهيو آهي،

 

You might also like