ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان حڪومت ڀارت لاءِ پنهنجي فضائي حدن جي بندش ۾ وڌيڪ هڪ مهيني جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.
پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي حڪومتي هدايتن تي نئون نوٽم جاري ڪري ڇڏيو، جنهن موجب ڀارت لاءِ پاڪستاني هوائي حدون 24 آگسٽ 2026ع تائين بند رهنديون.
نوٽم موجب، ان عرصي دوران ڀارتي رجسٽرڊ جهازن کي پاڪستان جي هوائي حدن مان گذرڻ جي اجازت نه هوندي.
نوٽم ۾ چيو ويو آهي ته اها پابندي ڀارتي ايئرلائنز، آپريٽرن جي انتظام هيٺ هلندڙ، سندن ملڪيت يا ليز تي ورتل جهازن سميت فوجي اُڏامن تي به لاڳو رهندي.
واضح رهي ته پاڪستان 23 اپريل 2025ع کان ڀارت لاءِ پنهنجون هوائي حدون بند ڪري ڇڏيون هيون، جنهن جي مدي ۾ هاڻي ٻيهر واڌ ڪئي وئي آهي.
You might also like