اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گذريل مالي سال دوران پاڪستان چين کان 1.7 ارب ڊالر جي ري فنانسنگ سميت ڪُل 16.2 ارب ڊالر جا پرڏيهي قرض حاصل ڪيا.
سرڪاري انگن اکرن موجب، حڪومت پرڏيهي قرضن ۽ گرانٽن جي 19.92 ارب ڊالر واري هدف تائين پهچڻ ۾ ناڪام رهي ۽ مقرر هدف کان 3.72 ارب ڊالر گهٽ رقم حاصل ڪري سگهي.
دستاويزن موجب، گذريل مالي سال دوران پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ قرض ايشيائي ترقياتي بينڪ وٽان مليو، جتان 953.74 ملين ڊالر حاصل ڪيا ويا.
You might also like