ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ ) جي سيڪريٽري ديوجيت سائيڪيا لارڊز ون ڊي کي روهت شرما جو آخري بين الاقوامي ميچ قرار ڏيڻ وارين خبرون مڪمل طور رد ڪري ڇڏيون آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، بي سي سي آءِ سيڪريٽري چيو ته بورڊ ۾ روهت شرما جي رٽائرمينٽ بابت ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، تنهنڪري لارڊز ۾ ٽين ون ڊي سندس آخري بين الاقوامي ون ڊي ميچ ناهي.
هن چيو ته روهت شرما ٽيم جو اهم رانديگر آهي ۽ لارڊز ون ڊي کي سندس آخري ميچ قرار ڏيڻ بابت ڪا به ڳالهه ناهي ٿي.
ديوجيت سائيڪيا موجب، روهت شرما ڀارتي ون ڊي ٽيم جو مستقل حصو آهي ۽ جيستائين هو ٽيم جي رٿابندي جو حصو رهندو، تيستائين ملڪ جي نمائندگي ڪندو.
هن چيو ته في الحال سڄي ٽيم جي ڌيان انگلينڊ خلاف اهم ميچ تي آهي، تنهنڪري اهڙين افواهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت ناهي.
واضح رهي ته ڪجهه ڀارتي ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته سليڪٽرز 2027ع واري ون ڊي ورلڊ ڪپ جي تيارين کي نظر ۾ رکندي روهت شرما کانسواءِ مستقبل جي رٿابندي ڪري رهيا آهن، جنهن سبب لارڊز ون ڊي سندس آخري بين الاقوامي ميچ ٿي سگهي ٿي.
روهت شرما جي مستقبل بابت افواهه ان وقت زور پڪڙي ويا، جڏهن هو انگلينڊ خلاف شروعاتي ٻن ون ڊي ميچن ۾ وڏيون اننگز کيڏڻ ۾ ناڪام رهيو.
روهت شرما پهرين ون ڊي ۾ 11 رنسون ۽ ٻي ون ڊي ۾ 26 رنسون ٺاهيون، جنهن کانپوءِ سندس فارم ۽ مستقبل بابت سوال اُٿڻ لڳا هئا.
You might also like