اسلام آباد (بيورو) آل پاڪستان پيٽرول پمپ اونرز ايسوسيئيشن حڪومت جي نئين پيٽروليم پرائس ڊي ريگيوليشن پاليسي کي رد ڪندي هڙتال جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي، ايسوسيئيشن جي چيئرمين نعمان علي بٽ چيو آهي ته حڪومت جي تجويز ڪيل پاليسي قبول ناهي، جيڪڏهن اهو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته ايندڙ هفتي احتجاج ۽ هڙتال بابت فيصلو ڪيو ويندو، هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پاليسي تي نظرثاني ڪئي وڃي ۽ مسئلن جو بار پيٽرول پمپ مالڪن تي نه وڌو وڃي، نعمان علي بٽ چيو ته آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين (او ايم سيز) سان اگهن جي طئي ٿيڻ کان اڳ سڀني لاڳاپيل ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، ڇاڪاڻ ته ملڪ جي لڳ ڀڳ 15 هزار پيٽرول پمپ مالڪن ۾ سخت ڳڻتي موجود آهي، هن وڌيڪ چيو ته نئين پاليسي سان آئل ٽينڪرن، ٽرانسپورٽ ۽ قيمتن جي تعين وارو نظام متاثر ٿيندو، تنهن ڪري حڪومت هڪ طرفا فيصلا ڪرڻ بدران پيٽرول پمپ مالڪن سان صلاح مشورو ڪري.