اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) حڪومت طرفان پيٽروليم شين جون قيمتون روزاني بنياد تي مقرر ڪرڻ واري فيصلي تي مختلف سياسي جماعتن سخت تنقيد ڪندي حڪومت کي نااهل قرار ڏنو، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ۽ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ته اڄ کان عالمي مارڪيٽ جي حساب سان پيٽروليم شين جون قيمتون روزاني بنياد تي آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) مقرر ڪندي، جڏهن ته قيمتن جي تعين جو اختيار حڪومت اوگرا حوالي ڪري ڇڏيو ،جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته روزاني بنياد تي قيمتون مقرر ڪرڻ جو مطلب عوام کي روزانو مهانگائي جي نئين لهر ۾ ڌڪڻ آهي، هن مطالبو ڪيو ته حڪومت پيٽرول تي لاڳو ٽيڪسن ۽ ليوي کي ختم ڪري عوام کي رليف فراهم ڪري، پاڪستان پيپلزپارٽي مرڪزي پنجاب جي جنرل سيڪريٽري حسن مرتضيٰ چيو ته روزاني اگهن جو نظام معاشري ۾ بيچيني پيدا ڪندو ۽ ان جا اثر صرف پيٽرول ۽ ڊيزل تائين محدود نه رهندا، پر زراعت، صنعت، ٽرانسپورٽ ۽ ٻين شعبن کي به متاثر ڪندا، هن چيو ته ان فيصلي سان عام ماڻهو جو گهريلو بجيٽ سخت متاثر ٿيندو، بيروزگاري ۽ غيريقيني ۾ اضافو ٿيندو، جڏهن ته حڪومت پنهنجي بنيادي ذميوارين تان هٿ کڻي رهي آهي، حسن مرتضيٰ وڌيڪ مطالبو ڪيو ته عوام تي بار وڌائڻ بدران اسيمبلين ۽ چونڊيل نمائندن جي مراعات ۾ گهٽتائي آڻي ماڻهن کي حقيقي رليف فراهم ڪيو وڃي.