ڊي ايڇ اي ۽ حبيب رفيق لميٽڊ جهڙو انصاف مون سان به ڪريو:ملڪ رياض

لاهور(مزمل سهروردي) بحريا ٽائون جي مالڪ، ملڪ رياض پاران فيلڊ مارشل عاصم منير کي خط لکيو  ويو آهي، جنهن ۾ ڊي ايڇ اي  ۽ حبيب رفيق لميٽيڊ خلاف شڪايتون ڪيون آهن. ملڪ رياض خط ۾ لکيو آهي ته اسان سان "هڪجهڙو انصاف” ڪيو وڃي. هو چوي ٿو ته جيڪو سلوڪ مون سان ٿي رهيو آهي، اهو ئي سلوڪ ڊي ايڇ اي   ۽ حبيب رفيق لميٽيڊ سان به ڪيو وڃي.توهان کي معلوم هوندو ته حبيب رفيق لميٽيڊ، ڊي ايڇ اي اسلام آباد ۽ بحريه ٽائون جو مختلف منصوبن ۾ هڪ گڏيل اتحاد (جوائنٽ وينچر) هو. جنهن ۾ بحرياٽائون زمين هٿ  ڪري ڊي ايڇ اي کي ڏني هئي. هاڻي ڊي ايڇ اي جي دعويٰ آهي ته بحريا ٽائون مٿن شهيدن جي خاندانن جا پيسا ڏيڻا آهن.ملڪ رياض جو مطالبو آهي  ته سمورن معاهدن، مالي رڪارڊ ۽ تاريخي پسمنظر جو مڪمل جائزو ورتو وڃي.رڳو بحريا ٽائون نه، پر ڊي ايڇ اي، پيٽرو ٽريڊ ۽ حبيب رفيق جي ڪردار جي به جاچ ڪئي وڃي.اثاثن جي نيلامي شفاف طريقي سان ڪئي وڃي ته جيئن نقصان  نه ٿئي.ٽيڪنيڪل ڳالهه اها آهي ته جنرل باجوا جي دور ۾ چار جنرلن تي مشتمل هڪ نظرثاني ڪميٽي هئي، جنهن هن جوائنٽ وينچر جو جائزو ورتو هو. ان ڪميٽي واضح ڪيو هو ته بحريا ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي اسلام آباد حبيب رفيق لميٽيڊ کي فعال پارٽنر طور ڪم ڪرڻ جو موقعو ئي نه ڏنو ۽ کين پهرين ڏينهن کان سائيڊ تي رکيو ويو. حبيب رفيق لميٽيڊ کي اٽڪل ساڍا ٽي ارب روپيا بحريا ٽائون کان وٺڻا آهن جيڪي اڃا تائين التوا ۾ آهن.ملڪ رياض جو هڪ اعتراض اهو به آهي ته سندس اثاثا تمام سستي اگهه تي نيلام ڪيا پيا وڃن (مثال طور هڪ ارب جو اثاثو 50 ڪروڙن ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي). پر حقيقت اها آهي ته اڄڪلهه ريئل اسٽيٽ جي مارڪيٽ زوال جو شڪار آهي، ۽ ملڪ رياض جي ملڪيت تي ٻولي لڳائڻ به ڪو سولو ڪم ناهي. ملڪ رياض دبئي ۾ ويهي ماڻهن کي چوي ٿو ته جنهن ڏينهن عاصم منير ويندو، مان ايندڙ جنرل سان معاملا سيٽ ڪري وٺندس ۽ سڀ ڪجهه واپس پنهنجي جاءِ تي اچي ويندو. مون گهڻا ئي آرمي چيف ايندي ويندي ڏٺا آهن، هي پهريون چيف آهي جيڪو مون کان مينيج ناهي ٿيو.ملڪ رياض خط ۾ اهي منصوبا به ڳڻايا آهن جن سان ڊي ايڇ اي اسلام آباد کي اربين روپين جو فائدو ٿيو (جهڙوڪ سيڪٽر ايف، ڊفينس ولاز، ڊي ايڇ اي ويلي وغيره). هو چوي ٿو ته هي سڀ بحريا ٽائون جي ڪري ٿيو پر هاڻي رڳو کيس نشانو بڻايو پيو وڃي.پر رياست جو موقف واضح آهي ته توهان ڊيفالٽر آهيو ۽ توهان کي رياست ۽ شهيدن جي خاندانن جا پيسا واپس ڪرڻا پوندا. فيلڊ مارشل عاصم منير جو هڪڙو ئي پيغام آهي ته پاڪستان واپس اچو، رياست جا پيسا ادا ڪريو ۽ عدالتن کي منهن ڏيو،اڳوڻو وزيراعظم عمران خان به اڊيالا جيل مان خط لکندو رهيو پر ڪو جواب نه مليو، ائين ئي ملڪ رياض جي خطن جو به ڪو جواب نه ملندو. هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ جڏهن هڪ وزير ملڪ رياض جي سفارش ڪئي هئي ته عاصم منير چيو هو ته ملڪ رياض کي  مون کي پيسا ناهن ڏيڻا، شهيدن جي خاندانن ۽ پاڪستان حڪومت جا پيسا ڏيڻا آهن. توهان حڪومت آهيو، ڪابينا جو اجلاس گهرايو ۽ کيس معافي  ڏئي ڇڏيو، مون کي ڇو ٿا چئو؟”ظاهر آهي ته ڪو به نئون وزيراعظم ملڪ رياض کي ائين اين آر او ڏيڻ جي جرئت نه ڪندو، ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ جنهن به ائين ڪيو (190 ملين پائونڊ ڪيس ۾) اهو اڄ تائين ڪيس ڀوڳي رهيو آهي.

 

You might also like