ڪنهن به حڪومت جي وجود جو بنيادي مقصد پنهنجي شهرين جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ هوندو آهي. دنيا جي هر آئين، هر قانون ۽ هر جمهوري نظام ۾ حڪومتن جي پهرين ذميواري اها ئي سمجهي ويندي آهي ته هو پنهنجي شهرين کي خوف کان آزاد، پرامن ۽ محفوظ ماحول مُهيا ڪن. جيڪڏهن هڪ شهري پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪرندي پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري، جيڪڏهن واپاري پنهنجي ڪاروبار تي ويندي ڦرلٽ جي ڊپ ۾ هجي، جيڪڏهن عورتون ۽ ٻار تحفظ کان محروم هجن، جيڪڏهن ڊاڪٽر، استاد، وڪيل، صحافي، واپاري ۽ مزدور ڏينهن ڏٺي جو ڏوهارين جي رحم و ڪرم تي هجن ته پوءِ اهو سوال اٿڻ فطري آهي ته آخر حڪومتون پنهنجو بنيادي فرض ڪٿي نڀائي رهيون آهن؟
بدقسمتي سان پاڪستان، خاص طور تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ امن امان جي صورتحال وقت بوقت اهڙي تصوير پيش ڪندي رهي آهي، جيڪا هڪ ذميوار حڪومت لاءِ ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نٿي ٿي سگهي. ڦرون، ڌاڙا، اغوا، ڀتا خوري، اسٽريٽ ڪرائيم، قتل، منشيات جي ڪاروبار ۽ ٻين سنگين ڏوهن جا واقعا روزمرهه جو معمول بڻجي وڃن ته پوءِ صرف بيان جاري ڪرڻ يا اجلاس گهرائڻ سان مسئلو حل نٿو ٿئي. عوام کي نتيجا گهرجن، اعلان نه. حڪومتن جي ڪارڪردگي جو اصل معيار عوام جو تحفظ هوندو آهي. جيڪڏهن حڪومت پنهنجي ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وڃي ته پوءِ ان جي ٻين ڪاميابين جي اهميت به گهٽجي وڃي ٿي. اقتدار صرف اختيار جو نالو نه، پر ذميواري جو به نالو آهي. جيڪي حڪومتون عوام جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت نٿيون ڪري سگهن، تن کي پنهنجي ناڪامي قبول ڪندي اخلاقي ذميواري نڀائڻ بابت سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اقتدار عوام جي خدمت لاءِ هوندو آهي، حڪمراني جو مستقل حق نه.
اها به هڪ تلخ حقيقت آهي ته جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال گهڻو ڪري رڳو آمدني وڌائڻ تائين محدود نظر اچي ٿي. ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي تي اي چالان جاري ڪرڻ لاءِ شهرن ۾ جديد ڪيمرائون، نگراني جا نظام ۽ خودڪار سافٽ ويئر نصب ڪيا ويا آهن، جيڪي چند سيڪنڊن ۾ گاڏي جي نمبر پليٽ سڃاڻي جرمانو جاري ڪري ڇڏين ٿا. جيڪڏهن حڪومتون اهڙو جديد نظام ٽريفڪ لاءِ قائم ڪري سگهن ٿيون ته پوءِ ڏوهارين جي سڃاڻپ، نگراني ۽ گرفتاري لاءِ ساڳي يا ان کان وڌيڪ جديد ٽيڪنالاجي ڇو نٿي استعمال ڪئي وڃي؟
اڄ دنيا جا ڪيترائي ملڪ مصنوعي ذهانت، چهري جي سڃاڻپ واري نظام، سمارٽ ڪيمرائن، انٽيگريٽيڊ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽرن، ڪرائيم ميپنگ ۽ ڊيٽا اينالسز ذريعي ڏوهن تي ڪنٽرول حاصل ڪري رهيا آهن. ڏوهاري جي چرپر، سندس نيٽ ورڪ، گاڏي، هٿيار ۽ ڏوهه ڪرڻ جا طريقا جديد نظام ذريعي مانيٽر ڪيا وڃن ٿا. نتيجي ۾ نه صرف ڏوهه گهٽ ٿين ٿا، پر پوليس جي ڪارڪردگي به بهتر ٿئي ٿي. سوال اهو آهي ته اسان وٽ اهڙيون سهولتون ڇو نٿيون وڌايون وڃن؟
بدقسمتي سان اسان وٽ هر وڏي واردات کان پوءِ ساڳيو منظر ورجائجي ٿو. وزيرن جا بيان، اعليٰ سطحي اجلاس، جاچ ڪميٽيون، سخت ڪارروائي جا اعلان ۽ ڪجهه ڏينهن بعد وري ساڳي صورتحال. جيڪڏهن هر واقعي کان پوءِ ساڳي ڪارروائي ٿيڻ باوجود نتيجا مختلف ناهن نڪرندا ته پوءِ اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته موجوده حڪمت عملي ناڪام ٿي چڪي آهي. امن امان صرف پوليس جو مسئلو ناهي، پر گڊ گورننس جو امتحان آهي. جڏهن ادارا سياسي مداخلت کان آزاد نه هجن، جڏهن مقرريون ميرٽ بدران سفارش تي ٿين، جڏهن پوليس کي پيشه ور اداري بدران سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو وڃي، جڏهن جاچ جو نظام ڪمزور هجي ۽ عدالتن تائين مضبوط ثبوت ئي نه پهچن ته پوءِ ڏوهاري بي خوف ٿي وڃن ٿا. ڏوهاري کي جڏهن اهو يقين ٿي وڃي ته هو قانون جي گرفت کان بچي ويندو ته پوءِ ڏوهن ۾ اضافو لازمي ٿي وڃي ٿو. حڪومتن کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته ڏوهه رڳو پوليس جي نفري وڌائڻ سان ختم نٿا ٿين. جديد تربيت، سائنسي جاچ، فارنزڪ سهولتون، ڊجيٽل نگراني، بهتر انٽيليجنس شيئرنگ، موثر پراسيڪيوشن ۽ تيز انصاف جو نظام گڏجي امن امان کي مضبوط ڪن ٿا. جيڪڏهن انهن مان ڪو هڪ به حلقو ڪمزور هجي ته سڄو نظام متاثر ٿيندو.
گڊ گورننس قائم ڪرڻ لاءِ حڪومت کي سڀ کان پهرين احتساب جو تصور پنهنجي اندر آڻڻو پوندو. هر وڏي واردات کان پوءِ صرف ماتم يا مذمت بدران ذميوارن جو تعين ٿيڻ گهرجي. جنهن ضلعي ۾ ڏوهن جي شرح مسلسل وڌي رهي هجي، اتي انتظامي ڪارڪردگي جو غيرجانبدار جائزو وٺڻ گهرجي. ڪارڪردگي جي بنياد تي مقرريون ۽ بدليون ٿيڻ گهرجن، نه ته سياسي وابستگين جي بنياد تي. ساڳئي وقت پوليس ۽ عوام جي وچ ۾ اعتماد جو رشتو به بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪيترائي ماڻهو پوليس وٽ رپورٽ درج ڪرائڻ کان به لنوائين ٿا، ڇاڪاڻ ته کين انصاف ملڻ جي اميد گهٽ هوندي آهي. جيڪڏهن شڪايت داخل ڪرڻ آسان بڻائجي، آن لائن ايف آءِ آر، ايمرجنسي رسپانس، وڪٽم سپورٽ سسٽم ۽ شاهدن جي تحفظ جهڙا قدم کنيا وڃن ته عوام جو اعتماد وڌي سگهي ٿو.
ان کان علاوه شهرن ۽ شاهراهن تي جديد سمارٽ ڪيمرائن جو ڄار وڇائڻ، انهن کي هڪ مرڪزي ڪنٽرول روم سان ڳنڍڻ، چهري جي سڃاڻپ واري ٽيڪنالاجي، گاڏين جي نمبر پليٽن جي خودڪار سڃاڻپ، ڏوهارين جي ڊيٽابيس، مصنوعي ذهانت تي ٻڌل الرٽ سسٽم ۽ پوليس جي گشت کي جديد ڊجيٽل نگراني سان ڳنڍڻ وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪو آهي. اهڙي نظام سان نه رڳو ڏوهارين جي سڃاڻپ تيزي سان ٿي سگهندي، پر ڏوهن کي ٿيڻ کان اڳ روڪڻ ۾ به مدد ملندي.