جنيوا (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته ميانمار جي سامونڊي پٽيءَ ويجهو ٻه وڏيون ٻيڙيون ٻڏڻ سبب 500 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو خدشو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، گڏيل قومن جي انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار مائيگريشن( آءِ او ايم) ۽ پناهگيرن بابت گڏيل قومن جي اداري( يو اين ايڇ سي آر) گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته ميانمار جي سامونڊي پٽيءَ ويجهو ٻه ٻيڙيون اونڌيون ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن، جن ۾ 500 کان وڌيڪ ماڻهو سوار هئا.
بيان موجب، شروعاتي ڄاڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته ٻئي ٻيڙيون جون جي آخر ۾ ميانمار جي جنگ کان متاثر رياست راخائن مان روانيون ٿيون هيون، جن ۾ سوار مسافر جي گهڻائي ملڪ جي اقليتي مسلمان روهنگيا برادري سان واسطو رکندڙ هئي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪجهه ماڻهو بنگلاديش جي علائقي ڪاڪس بازار جي ڪئمپن مان به روانا ٿيا هئا، جتي راخائن مان لڏي آيل 10 لک کان وڌيڪ روهنگيا پناهگير انتهائي خراب حالتن ۾ زندگي گهاري رهيا آهن.
گڏيل قومن موجب، هڪ ٻيڙي جنهن ۾ لڳ ڀڳ 250 ماڻهو سوار هئا، روانگي کان ٿوري دير پوءِ ئي گم ٿي وئي، جڏهن ته ٻي ٻيڙي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 280 ماڻهو سوار هئا، 8 جولاءِ تي ميانمار جي ايئيرواڊي سمنڊ ڪناري ويجهو ٻڏي وڃڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.
گڏيل قومن جي ادارن واضح ڪيو آهي ته انهن واقعن ۽ فوتگين جي انگن اکرن جي اڃا تائين باضابطا تصديق ناهي ٿي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اهو سفر اهڙي وقت ڪيو ويو، جڏهن سامونڊي حالتون عام طور تي انتهائي خطرناڪ هونديون آهن، جڏهن ته تازين تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب خطرا وڌيڪ وڌي ويا آهن.