يتيم خاني ۾ باهه، ٻارن سوڌو 11 ڄڻا سڙي فوت، ڪيئي زخمي

الجزائر (ويب ڊيسڪ) الجيريا جي راڄڌاني شهر الجزائر ويجهو هڪ يتيم خاني ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب ٻارن سميت 11 ڄڻا سڙت فوت، جڏهن ته 19 ٻيا زخمي ٿي پيا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، الجزائر ويجهو قائم يتيم خاني ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن ڏسندي ئي ڏسندي سڄي عمارت کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.
ميڊيا رپورٽن موجب، باهه جي نتيجي ۾ ٻارن سميت 11 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته 19 ماڻهو زخمي ٿيا آهن.
واقعي جو اطلاع ملندي ئي مقامي رهواسي ۽ امدادي ٽيمون ترت واقعي واري هنڌ پهتيون ۽ باهه وسائڻ سان گڏ رسيڪيو ڪارروائين ۾ حصو ورتو.
انتظاميا موجب، باهه سبب 10 ڄڻا سخت سڙي زخمي ٿيا، جڏهن ته 5 معذورن کي محفوظ نموني ٻاهر ڪڍيو ويو.
ٻئي پاسي، الجيريا جي صدر عبدالمجيد تبون فوتين جي وارثن سان ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like