واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي نائب صدر جَي ڊِي وينس چيو آهي ته اسرائيل آمريڪا ۾ عوامي راءِ جي جنگ هارائي رهيو آهي، اها هڪ سادي ۽ واضح حقيقت آهي.
نائب صدر جي ڊي وينس آمريڪي پوڊڪاسٽر جو روگن سان ڳالهائيندي چيو ته اسرائيل آمريڪا جو اتحادي آهي، پر اهو آمريڪي سياست تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ضرور ڪندو آهي.
جي ڊي وينس کان سوال ڪيو ويو ته ڇا اسرائيل آمريڪي سياست تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي؟
جنهن تي هن جواب ڏنو ته ” ها، اسرائيل يقيني طور تي ان معاملي ۾ وڌيڪ اثرائتو آهي.“
واضح رهي ته مارچ ۾ ڪيل هڪ سروي دوران آمريڪا ۾ اسرائيل جي حمايت ۾ نمايان گهٽتائي سامهون آئي هئي.
آمريڪي ميڊيا جي هڪ سروي موجب، رڳو 32 سيڪڙو آمريڪي اسرائيل بابت هاڪاري راءِ رکن ٿا، جڏهن ته 39 سيڪڙو ماڻهن اسرائيل بابت منفي راءِ جو اظهار ڪيو هو.
رپورٽ موجب، گذريل ڪجهه سالن دوران اها هڪ وڏي تبديلي آهي.، اسرائيل جي حمايت ۾ سڀ کان وڏي گهٽتائي ڊيموڪريٽس ۽ آزاد ووٽرن ۾ ڏٺي وئي.
ياد رهي ته 2013ع جي ڀيٽ ۾ اسرائيل جي حمايت 34 سيڪڙو مان گهٽجي 17 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.
You might also like