هما سليم جا پاڪستاني ڪرڪيٽر تي سنگين الزام، پي سي بي جي پئسن تي هوٽلن ۾ ڇا پيو ٿئي، سڀ وائکو ڪنديس: اداڪارا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ۽ ماڊل هما سليم نالو ظاهر ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هڪ ڪرڪيٽر مٿان هراساني، دوکي، فراڊ ۽ ڪردارڪشي جا سنگين الزام لڳائيندي قانوني ڪارروائي جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.
انسٽاگرام تي شيئر ڪيل اسٽوري ۾ هما سليم لکيو ته”مان هڪ اهڙي ڪرڪيٽر کي وائکو ڪرڻ چاهيان ٿي، جيڪو دوکي، فراڊ، ڪردارڪشي ۽ هراساني جون سڀ حدون اورانگهي چڪو آهي.“
اداڪارا ڪرڪيٽر جو نالو ظاهر ڪرڻ کانسواءِ وڌيڪ لکيو ته”گذريل ٻن مهينن کان منهنجو ان ڪرڪيٽر سان ڪو به رابطو ناهي، پر جڏهن به مان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان، هو مون کي ذهني طور پريشان ڪندو آهي، ڪا به عورت بنا سبب پاڻ کي سماجي طور بدنام نٿي ڪري سگهي، جيستائين سندس برداشت جون حدون پار نه ڪيون وڃن.“
هما سليم پنهنجي پوسٽ ۾ دعويٰ ڪئي ته سندس قانوني ٽيم جلد ان ڪرڪيٽر کي وائکو ڪندي، هو ويجهڙائي ۾ پي سي بي جي پئسن سان هوٽلن ۾ ڇا ڪندو رهيو ان جا تفصيل پڻ پڌرا ڪيا ويندا.
اداڪارا الزام لڳائيندي چيو ته” ان ڪرڪيٽر مون کي، منهنجي گهرڀاتين ۽ منهنجي دوستن کي به پيغام موڪلي منهنجي ساک خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مون کي ان وقت به هراسان ڪيو ويو، جڏهن مان ان سان گڏ هيس ۽ جڏهن مون پنهنجون ڪم شروع ڪيو هن منهنجي ساٿين کي به پيغام موڪلي مون کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش جاري رکي، اهو سڀ ڪجهه هن شخص ۽ سندس خاندان ڪيو.“
هما سليم وڌيڪ لکيو ته ”هڪ تڪليف ڏيندڙ ۽ اذيتناڪ رشتي ۾ رهڻ باوجود مون ڪڏهن ڪجهه نه چيو، پر هاڻي منهنجو صبر جواب ڏئي چڪو آهي، هر ڪهاڻي جو ٻيو پاسو به هوندو آهي، هو مون کي دوکو ڏئي ماڻهن آڏو بدنام ڪري رهيو آهي، پر مان پنهنجي قانوني ٽيم سان گڏ جلد سڀ ثبوت سامهون آڻينديس.“

You might also like