قاهرا (ويب ڊيسڪ) چيني صدر شي جن پنگ اربع ڏينهن مصر جي دوري دوران وچ اوڀر جي ملڪن تي زور ڏنو آهي ته اهي ٻاهرين مداخلت جي مخالفت ڪن ۽ خطي جي سلامتي واري نظام جي نئين سر جوڙجڪ تي غور ڪن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، گذريل چئن سالن دوران شي جن پنگ جو وچ اوڀر جو هي پهريون دورو آهي، جيڪو اهڙي وقت ٿي رهيو آهي، جڏهن خطي ۾ آمريڪا جا اتحادي پنهنجي اسٽريٽجڪ لاڳاپن جو ٻيهر جائزو وٺي رهيا آهن.
رپورٽ موجب، ڪيترن ئي مهينن کان جاري ڇڪتاڻ خطي ۾ واپار ۽ معيشت کي متاثر ڪيو آهي، جنهن سبب وچ اوڀر جي ملڪن لاءِ پنهنجي سفارتي ۽ اسٽريٽجڪ ترجيحن تي نظرثاني اهم بڻجي وئي آهي.
مصر پاڻ آمريڪا جو هڪ اهم دفاعي ڀائيوار آهي ۽ واشنگٽن کان هر سال اٽڪل هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالر جي فوجي امداد حاصل ڪري ٿو، جڏهن ته ويجهڙائي وارن سالن دوران مصر چين سان پنهنجي معاشي ۽ فوجي سهڪار ۾ مسلسل واڌ ڪئي آهي.
چين جي سرڪاري ميڊيا موجب، قاهرا پهچڻ تي مصري صدر عبدالفتاح السيسي چيني صدر جو آڌر ڀاءُ ڪيو.
ان موقعي تي شي جن پنگ چيو ته خطي جي ملڪن کي پنهنجي قسمت جا پاڻ مالڪ هئڻ گهرجي ۽ کين نئين علائقائي سلامتي واري ڍانچي جي جوڙجڪ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.
چيني صدر وڌيڪ چيو ته چين سامونڊي واپاري رستن جي تحفظ لاءِ علائقائي ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
ٻاهرين مداخلت نه قبوليو، پنهنجي قسمت جا پاڻ مالڪ بڻجو “، چيني صدر جو وچ اوڀر جي ملڪن کي پيغام
You might also like