واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ انهن خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته هو ايران کي ڳالهين جي ميز تي واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ٽروٿ سوشل“ تي جاري ڪيل بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته کيس ان ڳالهه جي ڪا پرواهه ناهي ته ايراني اهڙو معاهدو به ڪن، جنهن کي هو پاڻ بي معنيٰ سمجهن ٿا.
هن چيو ته هو موجوده صورتحال کي ڳالهين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ترجيح ڏئي ٿو.
آمريڪي صدر دعويٰ ڪئي ته ايراني رڳو هڪ اڻٽر انجام کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
ڊونلڊ ٽرمپ سوال ڪيو ته ”نيٺ ايراني عوام ڪڏهن اٿي بيهندو ۽ وڙهندو؟“