”ايران کان پري رهو“، آمريڪا جي پاسدارانِ انقلاب سان واپار ڪندڙن کي سخت وارننگ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ چيو آهي ته ايران کي معاشي طور اڪيلو ڪرڻ لاءِ هوائي ڪمپنيون، جهاز راني جي صنعت ۽ ڊجيٽل اثاثا ايندڙ هدف ٿي سگهن ٿا.
آمريڪي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي اسڪاٽ بيسنٽ چيو ته سندس سڀني لاءِ پيغام آهي ته ايران کان پري رهن.
هن چيو ته سڀئي چاهين ٿا ته هي تڪرار ختم ٿئي ۽ ان جو تيز ترين رستو اهو آهي ته ڪو به ايراني حڪومت جي ڪنهن به قسم جي مدد نه ڪري.
آمريڪي ناڻي واري وزير موجب، آمريڪي عملدار انهن سمورن ماڻهن ۽ ادارن سان انتهائي سنجيدگي ۽ وڏي پيماني تي ڳالهائي رهيا آهن، جيڪي ايراني حڪومت جي مدد ڪن ٿا.
اسڪاٽ بيسنٽ هڪ ڏينهن اڳ به خبردار ڪيو هو ته جيڪو به ادارو ايران جي پاسدارانِ انقلاب سان واپار ڪندو، ان تي پابنديون لاڳو ٿي سگهن ٿيون.
هن چيو ته اهڙا مختلف قسم جا ادارا ٿي سگهن ٿا، جن ۾ هوائي جهاز ليز تي ڏيندڙ ڪمپنيون پڻ شامل آهن، جن جو جائزو ورتو ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته پاسدارانِ انقلاب سان واپار ڪندڙ ڪنهن به شخص يا اداري خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي ۽ آمريڪا پاسدارانِ انقلاب جي اثاثن جو پتو لڳائي رهيو آهي.
اسڪاٽ بيسنٽ ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته آمريڪا ڪنهن به قسم جي نرمي يا برداشت جو مظاهرو نه ڪندو ۽ معاشي دٻاءَ ذريعي ايراني حڪومت کي گوڏن ڀر ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويندو.
پاسدارانِ انقلاب کي خبردار ڪندي هن دعويٰ ڪئي ته آمريڪا کي خبر آهي ته برٽش ورجن آئيلينڊز ۾ قائم ڪهڙين ٽرسٽ ڪمپنين ۾ پاسدارانِ انقلاب جا اڪائونٽ موجود آهن.
هن وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته آمريڪا وٽ دنيا جي مختلف حصن ۾ پاسدارانِ انقلاب سان لاڳاپيل 100 ملين ڊالر ماليت جي گهرن بابت به معلومات آهي ۽ انهن اثاثن کي منجمد ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.

 

You might also like