پاڪستان ايران-آمريڪا امن ڪوششن تان هٿ کڻڻ وارو تاثر رد ڪري ڇڏيو، ٽياڪڙي جون ڪوششون جاري: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ امن ڪوششن تان هٿ کڻڻ واري تاثر کي رد ڪندي چيو آهي ته ٽياڪڙي جون ڪوششون جاري آهن.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي هفتيوار پريس بريفنگ دوران چيو ته ڇڪتاڻ عارضي طور غالب آهي، اميد آهي ته آخرڪار امن ۽ ڳالهين واري سوچ ڪامياب ٿيندي، امن جو عمل عارضي طور رڪجي سگهي ٿو، پر ڪڏهن به ختم نه ٿيندو آهي.
ترجمان چيو ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت اڄ به اثرائتو ۽ عملو جوڳو فريم ورڪ آهي، جڏهن ڌريون ڇڪتاڻ جو رستو ڇڏينديون ته امن جي واپسي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت ذريعي ممڪن ٿيندي، مفاهمتي يادداشت نه ختم ٿي آهي ۽ نه ئي غير اثرائتي ٿي آهي، ان جي اهميت برقرار آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ هو ته 27 فيبروري وارو پاڪستان جو موقف اڄ به برقرار آهي. پاڪستان هر ملڪ تي هٿياربند حملن جي مذمت ڪئي ۽ رياستن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت تي زور ڏنو، تڪرار جي هر مرحلي ۾ پاڪستان جو بنيادي موقف اهو رهيو آهي ته امن ۽ ڳالهيون ئي واحد رستو آهن، ۽ سڀني ڌرين کي نيٺ ڳالهين جي ميز تي اچي پنهنجا اختلاف حل ڪرڻا پوندا.
طاهر اندرابي چيو ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت امن لاءِ بنيادي فريم ورڪ آهي، جڏهن ته 22 جون واري پاڪستان-قطر گڏيل پڌرائي ۾ ان تي عملدرآمد جو روڊ ميپ موجود آهي.
ترجمان چيو ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت امن، گڏيل احترام ۽ گڏيل خوشحالي کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ اثرائتو فريم ورڪ آهي ۽ سڀني ڌرين کي پاڪستان-قطر گڏيل پڌرائي موجب ٽيڪنيڪي سطح جون ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ گهرجن.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته موجودا ڇڪتاڻ سبب ڪيترائي ملڪ توانائي، واپار ۽ خوراڪ جي تحفظ جي حوالي سان متاثر ٿي رهيا آهن. آبناءِ هرمز ۾ جلد معمول جي صورتحال جي بحالي، جهازراني جي آزادي، سلامتي ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ انتهائي ضروري آهي، پاڪستان آبناءِ هرمز ذريعي واپار ۽ پيٽروليم شين جي بنا رنڊڪ فراهمي تي يقين رکي ٿو.
ترجمان چيو ته پائيدار امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ئي واحد رستو آهن. ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻيهر وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي آهي، پاڪستان موجوده علائقائي صورتحال تي گهري نظر رکي رهيو آهي.
ترجمان موجب، پاڪستان سڀني ڌرين تي صبر ۽ برداسٽ جو مظاهرو ڪرڻ تي زور ڏئي ٿو ۽ خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪري چڪو آهي.
هن چيو ته تڪرار ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي. اميد آهي ته سڀئي ڌريون تڪرارن جي پرامن حل لاءِ پنهنجي عزم تي قائم رهنديون. پاڪستان سڀني ڌرين کي جنگ کان پاسو ڪرڻ جي تلقين ڪندو رهندو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي نظر ۾ امن ۽ استحڪام کانسواءِ ٻيو ڪو متبادل ناهي.
ترجمان موجب، پاڪستان ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، ڳالهين ۽ پرامن حل لاءِ خطي جي اهم ملڪن سان مسلسل سفارتي رابطن ۾ آهي، 10 جولاءِ تي وزيراعظم قطر جي امير سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ خطي جي ڇڪتاڻ واري صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم قطر تي ٿيل تازي حملي کانپوءِ قطر جي حڪومت ۽ عوام سان ايڪي جو اظهار ڪيو ۽ سڀني ڌرين تي صبر جو مظاهرو ڪرڻ تي زور ڏنو.
ترجمان موجب، ڳالهه ٻولهه دوران سفارتي رابطن، ڳالهين ۽ سمورين ڌرين پاران واعدن تي عملدرآمد جي اهميت تي اتفاق ٿيو، جڏهن ته قطر جي امير خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جي سرگرم ڪردار کي ساراهيو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته 10 جولاءِ تي وزيراعظم ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان به فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن دوران وزيراعظم خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فوري بحالي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ايران سميت سڀني ڌرين کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ ۽ ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ اضافي کان پاسو ڪرڻ جي اپيل ڪئي.
پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ واپاري ڳالهين بابت ڳالهائيندي ترجمان چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ڳالهيون جاري آهن ۽ انهن ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.
ترجمان موجب، انهن ڳالهين جو مقصد ٻطرفي واپار وڌائڻ ۽ پاڪستاني برآمدات ۾ وڌيڪ تنوع آڻڻ آهي. پاڪستان ۽ آمريڪا ڪيترن ئي اختلافي معاملن تي اڳڀرائي ڪئي آهي ۽ گڏيل مفادن تي اتفاق راءِ وڌايو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ واپاري ڳالهيون مستقبل ۾ به جاري رهنديون ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ رابطن جا چينل کليل آهن.

 

You might also like