تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني فوج جي خاتم الانبيا مرڪزي هيڊڪوارٽر جي ترجمان آمريڪا کي سخت وارننگ ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ايران جي انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻايو ويو ته خطي ۾ موجود انفراسٽرڪچر کي تباهه ڪيو ويندو.
ايراني خابرو اداري ارنا موجب، ابراهيم ذوالفقاري چيو ته آمريڪا خطي ۾ پنهنجي قانون جي ڀڃڪڙين ۽ عدم استحڪام واري پاليسي جاري رکيون پيو اچي، آبناءِ هرمز ايران لاءِ ريڊ لائن آهي ۽ آمريڪا کي ان معاملي ۾ مداخلت جي اجازت نه ڏني ويندي.
هن چيو ته جيڪڏهن آمريڪي صدر جون تازيون ڌمڪيون عملي صورت اختيار ڪن ٿيون ۽ ايران جي انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻايو وڃي ٿو ته ايران جي برداشت سبب هن وقت تائين محفوظ رهندڙ خطي جي انفراسٽرڪچر خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
ايراني فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته دشمن کي سمجهڻ گهرجي ته فيصلائتي ڪارروائي جو وقت رڳو صبر جو وقت نه هوندو، ايراني هٿياربند فوجن جو جواب برابر نه پر ان کان وڌيڪ شديد هوندو ۽ اهي حملا اڳ کان وڌيڪ وڏي پيماني تي ۽ تباهه ڪندڙ هوندا.
اسان جي انفراسٽرڪچر تي حملو ٿيو ته سڄي خطي کي تباهه ڪري ڇڏينداسين: ايران جو آمريڪا کي چتاءُ
You might also like