اڙي هلائي پي سي بي نٿو سگھين، رانديگر جتي وڃن ٿا منھن ڪارو ٿا ڪرائن: سردار چانڊيو جي محسن نقوي تي تنقيد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ايم پي اي سردار خان چانڊيو گهرو وزير محسن نقوي جي ”سسٽم ناڪارا ٿي ويو آهي“ واري بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن سسٽم ناڪام ٿي ويو آهي ته پوءِ استعيفيٰ ڏيو، سسٽم جو منهن ڪارو اوهان پاڻ ڪيو آهي.
سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي پ پ اڳواڻ سردار خان چانڊيو گهرو وزير محسن نقوي جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته هڪ وزير ڪڏهن چوي ٿو ته بلوچستان جا دهشتگرد هڪ ايس ايڇ او جي مار آهن ۽ ڪڏهن چوي ٿو ته سسٽم ناڪام ٿي چڪو آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن سسٽم ناڪام ٿي چڪو آهي ته پوءِ هو پاڻ ان سسٽم ۾ وزير ڇو آهي؟ سسٽم جو منهن ڪارو به هن پاڻ ڪيو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم بابت ڳالهائيندي سردار خان چانڊيو چيو ته هڪ ادارو پي سي بي به هن کان نٿو هلي، اهي اهڙي ٽيم نٿا ٺاهي سگهن جيڪا جتي وڃي ٿي، اتي پاڪستان جو منهن ڪارو ڪرائي واپس اچي ٿي.

 

You might also like