مظفرآباد (م ڊ) آزاد ڪشمير جي گهرو سيڪريٽري چوڌري گفتار شفيق حسين دعويٰ ڪئي آهي ته پابندي مڙهيل ايڪشن ڪميٽي جو اصل مقصد امن، معيشت ۽ رياستي استحڪام کي نقصان پهچائڻ آهي، مظفرآباد ۾ آزاد ڪشمير پوليس جي ترجمان عرفان مسعود ڪاشفي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پابندي مڙهيل ايڪشن ڪميٽي ادارن خلاف منفي پروپيگنڊا کي پنهنجو معمول بڻائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته ايڪشن ڪميٽي جا ماڻهو ڪيترن ئي ڏينهن کان عوام جي روزمرهه جي زندگي متاثر ڪرڻ ۾ رڌل آهن، پر ڪنهن به گروهه کي عوامي معاملن کي متاثر ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، آزاد ڪشمير پوليس جي ترجمان عرفان مسعود ڪاشفي چيو ته پابندي مڙهيل ايڪشن ڪميٽي خلاف ڀرپور آپريشن جاري آهي، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ پوليس جي اولين ترجيح آهي ۽ ڪنهن به هٿياربند گروهه کي رياست جو امن تباهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.