شهيدن بابت بيان تي فضل الرحمان خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست، عدالت جواب طلب ڪري ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي سيشن عدالت ۾ شهيدن بابت تڪراري بيان تي جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
ايڊيشنل سيشن جج ملڪ لطيف درخواستگذار محمد وقار جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سوشل ميڊيا تي نشر ٿيل تقرير سبب عوام ۽ شهيدن جي وارثن جا جذبا مجروح ٿيا آهن، تنهن ڪري مولانا فضل الرحمان خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.
عدالت ڊائريڪٽر اين سي سي آءِ اي کان جواب طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 17 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ٻئي طرف، قومي سلامتي جي ادارن خلاف تڪراري بيان جي معاملي تي گوجرانوالا ۾ داخل درخواست تي ايڊيشنل سيشن جج فيصل جميل مولانا فضل الرحمان کي 28 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو آهي.

You might also like