ڪشمير جو فيصلو ڪشميري ئي ڪندا، بندوق يا ڌرڻن سان تبديلي نٿي آڻي سگهجي: بلاول ڀٽو

مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪشمير جو فيصلو ڪشميري پاڻ ڪندا، پر بندوق يا ڌرڻن جي زور تي آئين ۾ ڪا به تبديلي نٿي آڻي سگهجي.
مظفرآباد ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي آزاد ڪشمير جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته آزاد ڪشمير جي بگڙجندڙ صورتحال سان ڪشمير ڪاز کي نقصان پهچندو، تنهنڪري موجوده حالتن ۾ ڏاهپ ۽ معاملن کي سمجهداري سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته آزاد ڪشمير جو بحران وفاقي وزيرن جي بيانن سبب پيدا ٿيو آهي ۽ هاڻي ان بحران کي ختم ڪرڻ به وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي.
سندس چوڻ هو ته جڏهن به ڪشميرين خلاف نامناسب ٻولي استعمال ڪئي وڃي ٿي ته اسان کي ڏک پهچي ٿو.
بلاول ڀٽو چيو ته اسلام آباد ۾ ويٺل ڪنهن به شخص کي اهو حق ناهي ته هو فيصلو ڪري ته ڪير ڪشميري آهي ۽ ڪير نه.
هن چيو ته موجوده حالتن کي طاقت جي استعمال سان حل نٿو ڪري سگهجي ۽ جيڪڏهن ڪشميرين جو پگهر وهندو ته اسان جو رت به وهندو.
هن احتجاج ڪندڙن کي اپيل ڪئي ته هو ڌرڻا ختم ڪن، ڇو ته پرامن احتجاج هر شهري جو حق آهي، پر پرتشدد احتجاج ۽ مظاهرن جي ڪنهن به صورت اجازت نٿي ڏئي سگهجي.
هن چيو ته هو ڪڏهن به نه چاهيندو ته ڪشمير ۾ دهشتگردي واري سياست کي هٿي ملي.
پ پ چيئرمين چيو ته پاڪستان جون هٿياربند فوجون اسان جي ريڊ لائين آهن ۽ انهن خلاف ڪنهن به قسم جي ڳالهه برداشت نه ڪئي ويندي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به قوت لاءِ رياست کي جهڪائڻ ممڪن ناهي، جڏهن ته ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ فيلڊ مارشل جو ڪردار سڀني جي سامهون آهي.

You might also like