ڀارت جي سڀ کان وڏي جوهري پاور پلانٽ جي حساس ڊيٽا ڊارڪ ويب تي ليڪ

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) رئنسم ويئر گروپ ورلڊ ليڪس ڀارت جي سڀ کان وڏي ايٽمي پاور پلانٽ ڪڊنڪولم سان لاڳاپيل وڏي مقدار ۾ حساس ڊيٽا ڊارڪ ويب تي جاري ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري رائٽرز موجب، ليڪ ٿيل ڊيٽا ۾ پلانٽ جي ڪجهه حصن جا نقشا، سپلائرز جا تفصيل، اجلاسن ۽ معائنن جو رڪارڊ، سامان جي جائزي ۽ انشورنس پاليسين سان لاڳاپيل دستاويز شامل آهن. هيڪرز جي دعويٰ آهي ته اهي ڄاڻ ريلائنس گروپ جي سسٽم مان حاصل ڪئي وئي آهي.
رپورٽ موجب، تامل ناڊو ۾ قائم ڪڊنڪولم نيوڪليئر پاور پلانٽ ڀارت جي ستن ايٽمي پاور پلانٽن مان سڀ کان وڏو آهي ۽ وزيراعظم نريندر مودي جي ملڪ ۾ ايٽمي توانائي وڌائڻ واري منصوبي جو اهم حصو آهي.
ريلائنس گروپ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڊيٽا سينٽر سروس فراهم ڪندڙ ڪمپني يوٽا جي سرور تي جزوي سائبر دراندازي ٿي آهي، جنهن بابت حڪومت کي آگاهه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪهڙي ڊيٽا متاثر ٿي اهو واضح نه ڪيو ويو آهي.
رپورٽن موجب، ليڪ ٿيل 8 لک 58 هزار فائلن مان لڳ ڀڳ 19 هزار فائلون انتهائي حساس نوعيت جون آهن، جن ۾ يونٽ 3 ۽ يونٽ 4 جي وينٽيليشن ۽ ڪولنگ سسٽم جا نقشا، ڪنٽرول روم جا خاڪا، سپلائرز جي فهرست، گڏيل معائنن جا رڪارڊ ۽ انشورنس پاليسين جا تفصيل شامل آهن.
نيڪليئر ٿريٽ انيشيئيٽو جي سينيئر ڊائريڪٽر نڪولس روٿ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن هي ڊيٽا غلط ماڻهن جي هٿن ۾ پهچي وئي ته پلانٽ جي سيڪيورٽي لاءِ سنگين خطرا پيدا ٿي سگهن ٿا.
رپورٽ موجب، ورلڊ ليڪس ان کان اڳ نائڪي ۽ ٽاٽا گروپ کي به نشانو بڻائي چڪو آهي، هي گروپ ڀنگ نه ملڻ جي صورت ۾ چوري ٿيل ڊيٽا ڊارڪ ويب تي جاري ڪندو آهي.

You might also like