ملڪ ۾ پيٽروليم شين جا اگهه روزاني بنيادن تي مقرر ٿيندا؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن جو تعين روزاني بنيادن تي ڪرڻ لاءِ نئون نظام متعارف ڪرائڻ تي غور ڪري رهي آهي، جنهن تحت قيمتن جي مقرر ڪرڻ ۾ حڪومت جو ڪردار گهڻو گهٽجي ويندو.
پيٽروليم ڊويزن جي هڪ سينيئر آفيسر موجب، تجويز ڪيل نئين نظام تحت آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) جي هر رات موٽر اسپرٽ (پيٽرول)، هاءِ اسپيڊ ڊيزل، لائيٽ ڊيزل آئل ۽ گاسليٽ جا اگهه مقرر ڪرڻ جي واحد ذميوار هوندي.
ذريعن موجب، اوگرا طرفان مقرر ڪيل نوان اگهه هر رات 12 وڳي کان لاڳو ٿيندا.
رپورٽن موجب، حڪومت جو مقصد عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ ايندڙ روزاني لاهن چاڙهن کي مقامي مارڪيٽ ۾ وڌيڪ تيزيءَ سان منتقل ڪرڻ آهي.

You might also like