موت جي سزا ۽ ضمانت وارن ڪيسن جو سالن پراڻو بئڪ لاگ ختم، سپريم ڪورٽ مان وڏي خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ موت جي سزا ۽ ضمانت وارن ڪيسن سميت مختلف نوعيت جي مقدمن ۾ سالن کان هلندڙ بئڪ لاگ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، پراڻن ٻڌڻي هيٺ ڪيسن کي ترجيحي بنيادن تي اڪلائڻ واري پاليسي تي اثرائتي نموني عمل ڪيو ويو، جنهن سبب جان، آزادي، خانداني حقن، ٽيڪس ۽ مسواڙ وارن ڪيسن ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي.
پڌرائي موجب، آڪٽوبر 2024ع ۾ سپريم ڪورٽ 2015ع جي موت جي سزا وارن ڪيسن جي ٻڌڻي ڪري رهي هئي، جڏهن ته هاڻي 11 سالن جو بئڪ لاگ ختم ڪيو ويو آهي.
عدالت 608 موت جي وارين اپيلن جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي 2026ع جا ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن، جڏهن ته رڳو 22 اپيلون التوا ۾ آهن.
سپريم ڪورٽ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت وارن ڪيسن ۾ به 6 سالن جو بئڪ لاگ ختم ڪري ڇڏيو آهي.
پڌرائي موجب، 2156 درخواستن تي فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته هاڻي رڳو 23 درخواستون ٻڌڻي هيٺ آهن.
عدالت گرفتار کانپوءِ واري ضمانت وارن ڪيسن ۾ 17 سالن جو بئڪ لاگ به ختم ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان 2303 درخواستن جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته هاڻي صرف 66 درخواستون ٻڌڻي جون منتظر آهن.
سپريم ڪورٽ موجب، خانداني ڪيسن جو بئڪ لاگ پڻ ختم ڪيو ويو آهي. مجموعي طور 1065 خانداني ڪيسن جا فيصلا ڪيا ويا، جڏهن ته هاڻي صرف 150 ڪيس التوا ۾ آهن، جن مان 122 هلندڙ سال جا آهن.
پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته 506 ٽيڪس ڪيسن جا به فيصلا ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 842 ڪيس اڃا التوا ۾ آهن، جن ۾ هاڻي 2025ع ۽ 2026ع جا ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن.
مسواڙ وارن ڪيسن ۾ به عدالت 2011ع کان اڳتي وڌندي هاڻي 2026ع تائين پهچي چڪي آهي.

 

You might also like