ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ڪيل ڊاڪٽر آڪاش جي ڪيس ۾ پوليس اهم اڳڀرائي ڪندي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ڊي آءِ جي سائوٿ موجب، گرفتار ٿيل جوابدارن ۾ هڪ استاد پڻ شامل آهي، جڏهن ته واردات لاءِ ٻن موٽرسائيڪلن جو استعمال ڪيو ويو.
هن چيو ته پوليس ڪارروائي دوران ڏوهه ۾ استعمال ٿيل هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن، جڏهن ته ڦر ٿيل رقم به برآمد ڪئي وئي آهي.
ڊي آءِ جي سائوٿ موجب، سيف سٽي ڪئميرائن جي مدد سان جوابدارن جي سڃاڻپ ڪري کين گرفتار ڪيو ويو.
You might also like