وومن ايڪشن فورم جي جوڙجڪ جو پس منظر ۽ تعارف

انيتا نجاڻي

1981 ۾ ڪراچي ۾ هڪ واقعو اهڙو پيش آيو ، جن  عورتن کي تمام گهڻو فڪر مند ۽ بيچين ڪري ڇڏيو

هڪ ميمڻ، ڪاروباري قبيلي جي ڇوڪري  فهميده. هڪ اردو ڳالهائيندڙ مرد الله بخش سان  مائٽن جي مرضي کان سواءِ پيار جو پرڻو ڪورٽ مئريج (شادي) ڪري ڇڏي. پر  فهميده جي مائٽن ان کي تسليم  نه ڪيو ۽ پوليس اسٽيشن تي الله بخش جي مٿان  ايف آءِ آر ڪٽرائي . انهن الله بخش تي اغوا ۽ زنا جو الزام لڳايو . پوليس ، بنا تفتيش جي هن ڪيس کي حدود آرڊيننس جي ،  شريعت ڪورٽ جي عدالت ۾ کڻي وئي . ان  وقت حدود آرڊيننس ۾  هڪ ”ولي“ جو  قانون لاڳو هيو جنهن  تحت ڪا به ڇوڪري پنهنجي وڏن جي اجازت کان سواءِ شادي نٿي ڪري سگهي.  عدالت فهميده کي سر عام 100 ڪوڙڻ لڳائڻ ۽ الله بخش کي پٿرن سان اوستائين ڪٽڻ ، جيستائين ان جي موت واقعي نه ٿئي ( Throwing stones till the death ) جو حڪم نامو جاري ڪيو . جنهن تي عمل ٻئي ڏينهن تي هڪ جلسي گاهه ۾ ٿيڻو هيو .

اها خبر باھ وانگر سمورن ساڃاهه وند عورتن  توڙي مردن ۾ غم و غصي جي لهر پکيڙي ڇڏي .شرڪت گاهه جيڪو عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ادارو هيو ، انهن ۾ جيڪي عورتون ڪم ڪنديون هيون تن سڀني گڏجي هڪ ايمرجنسي ڪال ڏني ، انهن سڀني عورتن کي جيڪي به مختلف ادارن ۾ ،مختلف اين جي اوز ۾، سول سوسائٽي طور يا انساني حقن جي لاءِ جاکوڙيندڙ سڀني  عورتن کي دعوت ڏني وئي . سڀ سجاڳ عورتون ڪٺو ٿي هڪ پريشر گروپ جوڙيو جنهن جو نالو هنن رکيو . Woman Action Forum ( عورت محاظ عمل ) .جنهن ۾ ، ان وقت جون مشهور ۽ ايڪٽو،  هر ڪلاس  سان تعلق رکندڙ عورتون شامل ٿيون.  هنن گڏجي هڪ ضابطه عمل به جوڙيو ۽ انهن ۾ ڪجهه اصول رکيائون . انهن اصولن جون هو ، اڄ به پابند آهن .

ذات ، مذهب ، ٻولي ، ڪلاس جي تفريق نه ڪئي ويندي .

هيءَ هڪ اين جي او وانگر ڪم نه ڪندي .

ڪنهن به نيشنل يا انٽرنيشنل اداري يا حڪومت کان ڪوبه فنڊ نه وٺندي ۽ جيڪو به خرچ ٿيندو اهو پاڻ ۾ ورهائي ڪنديون . ڪو ذاتي طور تي هنن جي ڪيسن ۾ مدد ڪندا ته اهو سڀني جي منظوري سان قبول ڪيو ويندو .

مردن کي هن تنظيم جو ميمبر نه ڪندا .

پر جيڪڏهن ڪنهن به ڪيس ۾ انهن جي ضرورت پئي ته يا هو مدد ڪرڻ جي لاءِ تيار هوندا ته انهن سان گڏجي ڪم ڪبو .

هن تنظيم ۾ ڪنهن جو به ڪو مخصوص عھدو نه هوندو

سڀ هتي والنٽير ۽  برابري جي حيثيت رکنديون  .

حدود آرڊيننس ۽ انهن جهڙا جيڪي به عورتن سان غير مساوي ۽ انساني نا انصافي تي ٻڌل  قانون ٺهيل آهن يا ٺهندا  ته انهن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪنديون .

عورتن جي برابري جي حيثيت مڃرائڻ جي لاءِ هر محاذ تي جدوجهد جاري رهندي . اها چاهي غريب هارياڻي هجي يا فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ مزدور عورت هجي يا ڪنهن آفس ۾ ڪم ڪندڙ ڪنهن به پوسٽ تي ويهندڙ هجي ، مطلب ته هر شعبي سان تعلق رکندڙ هر عورت کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ آواز  اٿارڻ ۽ برابري جا حق ملڻ لاءِ جدوجهد .

بغير ڪنهن مذهب ، نسل ، صوبي ، قوميت ۽ ملڪ جي تفريق جي عالمي انسانيت جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪنديون رهنديون.

سڀ کان  پهريون  وومين ايڪشن فورم جيڪو ڪم ڪيو،  اهو ته ان ڏينهن تي هنن هڪ  وڪيل ڪيو جنهن جي ذريعي ، فهميده – الله بخش جي فيصلي کي روڪرايو ويو  ، معني ته ڪورٽ کان اسٽي آرڊر ورتو ويو . اها هڪ شروعات هئي ۽ ان کان پوءِ ته ايترا ڪيس ويف ڏي اچڻ لڳا جنهن جي ويف کي به توقع نه هئي . اهو هڪ عورتن جي لاءِ ڪارو دور هيو . پوري پاڪستان ۾ هزارن جي تعداد ۾ عورتون جيلن ۾ سزا ڪاٽي رهيون هيون . ريپ ۽ هراس ڪيون وينديون هيون ۽ ثبوت نه هئڻ سبب الٽو انهن کي ئي  جيل موڪليو ويندو هيو . ويف سان گڏ وڪيل والنٽري ڪم ڪندا هيا ۽ هيومن رائيٽس جي تنظيمن به هنن سان سهڪاري رهيون.

ڪراچي ۾ ويف ٺهڻ جي ٻن مهينن کان پوءِ لاهور ۾ به ان جو چيپٽر کلي ويو . ان کانپوءِ اسلام آباد،  پشاور  ، ڪوئيٽا ۽ ڪافي عرصي کان پوءِ حيدرآباد ۾ به ويف جو چيپٽر کليو .

سن 1982 ۾ پنجاب جي شهر ساهيوال ۾  هڪ اهڙو واقعو پيش آيو جنهن تي ويف پوري زور شور سان نه صرف کنيو پر ان جي ڪري هنن تي لٺيون به پيون ۽ جيل ۾ به وڃڻو پيو . اهو قصو هيو هڪ نابالغ  نابينا  ڇوڪري صفيا بيبي جو  ،  جيڪا ٻنين تي ڪم ڪندي هئي.  ٻنين جي چوڌري ۽ ان جي ٻن پٽن  هن جو  زنا ( ريپ) ڪيو . جڏهن صفيا بيبي  ٿاڻي تي رپورٽ ڪرائڻ وئي ته پوليس  بجاءِ هن  کي ٻڌڻ جي ۽ تفتيش  ڪرڻ جي هن جو ڪيس به شريعت ڪورٽ ڏانهن موڪليو . ڪورٽ بجاءِ چوڌري ۽ ان جي پٽن کي گرفتاري جا آرڊر جاري ڪرڻ جي ،هن حدود آرڊيننس جي قانون مطابق چار گواهه نه پيش ڪرڻ جي صورت ۾ صفيا  بيبي کي اهو چئي ته  جيئن ته تون انڌي آهين ، ۽ توکي ڪيئن خبر پئي ته توسان ڪنهن زنا ڪئي اهي ۽ تون پنهنجي مرضي سان ان زنا ۾ شامل ھئين ، تنهنڪري 3 سال قيد ، 12 ڪوڙا ۽ ڪجهه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي.

ويف اهو فيصلو ٻڌڻ کان پوءِ ملڪ جي هر جڳهه تي احتجاج ڪرايا . 12 فيبروري تي اسلام آباد ۾ تمام وڏي تعداد ۾ عورتون جمع ٿيون ۽ تمام وڌو  احتجاج ٿيو جنهن ۾ عورتن سان گڊ انهن جا ٻار ۽ مرد ساٿي به شامل ٿيا . مشهور، انقلابي شاعر حبيب جالب به احتجاج ۾ حصو ورتو ۽  ويف جي بهادري تي نظم پڻ لکيو ۽ اتي وڏي آواز پڙهيو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ هن کي ڌمڪيون به مليون.. ان احتجاج ۾ عورتن تي لاٺي چارج ڪئي وئي  ۽ عورتن جون گرفتاريون به ڪيون ويون .

ويف جي احتجاجن جي وجهه سان هن ڪيس جي توجه سڄي دنيا ڏانهن هلي وئي ۽ مجبورن صفيا بيبي کي ان ڪيس مان انکي رهائي ڏيڻي پئي  پر پوءِ به هن کي 6 مهينا قيد ۽ 12 ڦٽڪا ڀوڳڻا پيا .

40 سالن کان ويف ڪيترن ئي ڪيسن تي ڪم ڪيو آهي انهن ۾ ڪجهه هاءِ پروفائيل ڪيس آهن ته  گهڻي تعداد ۾ لو پروفائيل ڪيس آهن. پنجاب جي مختاران مائي جو ڪيس هجي يا بلوچستان جو  ڊاڪٽر شازيه جو ڪيس جنهن کي هڪ ڪرنل ريپ ڪيو هيو، ان کي به ڪراچي ويف کنيو هيو جنهن ۾ شازیہ کي ٻاهر موڪلڻ ۽ اتي نوڪري وٺائي ، سيٽل ڪرڻ تائين ويف جي انيس ہارون ۽ ٻين گڏجي ڪم ڪيو .  ڪراچي جو حميرا – محمود جو ڪيس ، ڪائنات ٿيٻو جو گينگ ريپ ڪيس هجي ، مشهور فوزيا ڀٽو جو ڪيس  يا بدين جي آرم ابڙو جو ڪيس ڪراچي ويف ،  ڪورٽ ۾ وڙهيا به ۽ کٽيا به . مطلب ته عورتن تي گهريلو تشدد هجي ، جنسي هراساني هجي يا عورت سان ڪنهن به قسم جي ناانصافي جي لاءِ ويف اڳيان اڳيان هوندي آهي .

ناظم جوکيو جي ڪيس ۾ ٻه ويف ، NCHR سان گڏجي  شيرين جوکيو سان عدالتن ۾ اوستائين وڙهياسي جيستائين شيرين جو کيو ڄمي بيٺي رهي . لامتنا ڪيسن تي ويف  ڪم ڪندي رهي آهي نه صرف عورتن جي تحفظ جي لاءِ بلڪه سماج ۾ پيدا ٿيندڙ هر ناانصافي ڏانهن ويف جو ڌيان ( نظر ) ويندو آھي  جيئن ته  سنڌ جي زمينن تي قبضي ۽ 6 ڪئنالن جو اشو ٿيو ته  ڪراچي ويف سڀ کان پهرين ان کي کنيو ، سيمينار ۽ ملڪي سطح تي ويب نائر ڪرايا ۽ اهڙي طرح بجٽ هجي ، صاف پاڻي جو مسئلو هجي ،مهنگائي هجي ، مطلب ته نظر هر قومي ڪم تي هوندي آهي .انهن ڪيسن دوران ڪيترا دفعا ويف جي عورتن کي مختلف قسمن جي ڌمڪين سان به منهن ڏيڻو پيو . ويف ۾ ڪافي عورت وڪيل به هيون ۽ آهن  نه صرف انهن  پر ساٿي مرد وڪيلن ۽ اهي وڪيل عورتن جيڪي ويف جون ممبرز نه آهن جيئن نور ناز وغيره انهن سڀني به ويف جا ڪيس وڙهندا  رهيا آهن ۽  عورتن کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ قانون جي باري ۾ لکيو ۽ ورڪشاپ به ڪرايا ۽ اهو سلسلو اڄ به ويف جو جاري آهي .ويف جي سڀ کان وڌيڪ خوبصورت ڳالهه اها آهي ته ويف جو هر چيپٽر ( chapter )  پنھنجن ڪمن ۽ فيصلن جو پاڻ خودمختيار هوندو آهي  .

منهنجو تعارف ويف ۾ عطيه دائود ڪرايو جنهن سان پڻ منھنجي ملاقات ڪجهه ٽائيم اڳ ٿي . عطيه مونکي چيو ته جيڪڏهن تون واقعي ۾ عورتن ۽ سماج لاءِ ڪجه ڪرڻ چاهين ٿي ته ويف ۾ اچ . مان جڏھن ويف جي ميٽنگ ۾ ويس ،جيڪا هر هفتي پابندي سان 40 سالن کان ٿيندي رهي ٿي ته  اتي نه مان ڪنهن کي سڃاڻان پئي ۽ نه ئي وري مونکي ڪوئي سڃاڻي پيو . نه ڪو ذاتي سوال ۽ نه ئي ڪا ٻي پچار نه ڪو ننڍو ۽ نه ڪو وڏو  –  نه ڪو پراڻو ۽ نه نئون . سڀ برابري ۽ پنهنجائپ واري احساس سان  صرف ڪمن جون ڳالهيون ٿينديون هيون . تمام جلد مونکان اهو وسري ويو ته مان ڪا هنن جي  ڀيٽ ۾  نئين ميمبر آهيان .

جيئن جيئن مان ويف جي عورتن جي ڪيل ڪمن بابت ڄاڻ حاصل ٿي ۽ انهن کي سمجهيو ته احساس ٿيو ته جيڪڏهن هڪ عورت جڏهن ڪنهن ڪم ڪرڻ ذمو کڻندي آهي ته اها ڪيترين رڪاوٽن جي باوجود جنهن ۾ هنن جو پنهنجي ننڍڙن ٻارن جو ذمو هجي ، گهر سنڀالڻ جو ذمو هجي ، ڪمائڻ جو ذمو هجي يا پنهنجي قوم جي ذميداري مطلب ته هر سماجي ۽ معاشي ذميداري ، سڀني کي متوازن (  balance ) طرقي سان ڪيئن خوب نڀائي ڄاڻن . سڀني ذميدارين کي گڏ کڻي ھلڻ جو فن هڪ باشعور عورت کان خوب  سکي سگهجي ٿو .

 

You might also like