سکر(عوامي آواز نيوز)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سکر بينچ خوراڪ کاتي جي ڪارروائين خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي، خوراڪ کاتي کي نجي گودامن تي ڇاپا هڻڻ ۽ ڪڻڪ ضبط (سيل) ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.فلور ملز مالڪن پاران اها درخواست ايڊووڪيٽ قربان ملاڻو ذريعي داخل ڪئي وئي هئي.ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته خوراڪ کاتي ڪڻڪ جي خريداري واري سيزن دوران ڪڻڪ نه خريد ڪئي، جنهن سبب هارين کي مالي نقصان پهتو.وڪيل وڌيڪ چيو ته هاڻي خوراڪ کاتو نجي ماڻهن طرفان قانوني طور خريد ڪيل ڪڻڪ ضبط ڪري رهيو آهي، جڏهن ته حڪومت جي دير سان خريداري سبب آبادگارن کي اڳ ئي نقصان برداشت ڪرڻو پيو آهي.عدالت حڪم ڏنو ته نجي ماڻهن جي ڪڻڪ نه کنئي وڃي ۽ نه ئي سندن گودامن کي سيل ڪيو وڃي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 4 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي