ڪراچي(رپورٽر)ملڪ جي سڀ کان وڏي هول سيل مارڪيٽ جوڙيا بازار ۾ اڄ هڙتال جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن سبب مارڪيٽ مڪمل طور بند رهندي.ڪراچي هول سيل گروسرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين اعلان ڪيو آهي ته جوڙيا بازار، لي مارڪيٽ، ڊانڊيا بازار، نانڪ واڙا، لانڍي، ملير، ڪورنگي ۽ لياقت آباد جي هول سيل اناج جون دڪانون پڻ بند رهنديون.ايسوسيئيشن موجب، ان هڙتال سبب سڄي ملڪ ۾ جوڙيا بازار مان اناج جي فراهمي به عارضي طور معطل رهندي.ا يسوسيئيشن جي صدر رئوف ابراهيم چيو ته اٽي جي اگهن کي جواز بڻائي دڪاندارن کي گرفتار ڪرڻ، چالان ڪرڻ، دڪان سيل ڪرڻ ۽ کين هراسان ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي.هن الزام هنيو ته چالان جي نالي تي رڳو ايزي پيسا جو نمبر ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته ڪنهن به دڪاندار کي باقاعده چالان جي رسيد يا ڪاغذ فراهم نه ڪيو ويو آهي.رئوف ابراهيم موجب، دڪاندارن کي 50 هزار کان ڏيڍ لک رپين تائين چالانن جا نمبر ڏنا ويا آهن.هن وڌيڪ سوال اٿاريو ته فلور مل مالڪن خلاف ڪا ڪارروائي يا چالان ڇو نٿو ڪيو وڃي؟