سکر(رپورٽ سيد نعيم شاھ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر پاران فاريسٽ گارڊ خلاف داخل ايف آءِ آر معطل، گھوٽڪي ۾ قبضا مافيا وڏي مهم ٻيهر شروع ڪرڻ جو حڪم، ان سلسلي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر گھوٽڪي فاريسٽ ڊويزن جي فاريسٽ گارڊ شاهه مير چاچڙ خلاف داخل ايف آءِ آر جي قانوني ڪارروائي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. عدالت جي فيصلي کانپوءِ ٻيلي کاتي اعلان ڪيو آهي ته ضلعي گھوٽڪي ۾ قبضا خورن خلاف روڪيل وڏي مهم فوري طور تي ٻيهر شروع ڪئي ويندي قانوني معاملو ميرپور ٻيلي ۾ ڪيل ڪامياب آپريشن تان شروع ٿيو.کاتي پاران قبضا خورن خلاف 23 ايف آءِ آرز پڻ داخل ڪرايون ويون هيون، پر قبضا مخالف مهم کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش تحت ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ جج ميرپور ماٿيلو جي حڪم تي ٻيلي کاتي جي گارڊ شاهه مير چاچڙ خلاف ٻيلو ميرپور ٿاڻي تي هڪ ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي، ان ڪوڙي ڪيس جي ڪري گھوٽڪي ۾ قبضا مخالف سمورا آپريشن بيهجي ويا هئا ۽ ٻيلي کاتي جو عملو سخت مايوسيءَ جو شڪار هو، سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ ٻيلي کاتي جي وڪيل ايڊووڪيٽ شبير علي بوزدار عدالت کي آگاهه ڪيو ته ٻيلي کاتي جا آفيسر ۽ ملازم سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڪندي قبضا مافيا خلاف مهم هلائي رهيا هئا، هن نشاندهي ڪئي ته هي ڪوڙي ايف آءِ آر سرڪاري ٻيلن کي بچائڻ واري مهم کي روڪڻ جي هڪ سازش هئي، اهڙن ڪوڙن ڪيسن جي رجسٽريشن سبب عملي کي سرڪاري ٻيلن جي سنڀال ۽ حفاظت ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون هيون، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ گھوٽڪي فاريسٽ ڊويزن پاران داخل ڪيل آئيني درخواست تي ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ٻيلي کاتي جي عملدار خلاف بيلو ميرپور ٿاڻي تي داخل ايف آءِ آر جي ڪارروائي کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، معزز عدالت پاران آپريشن ٻيهر شروع ڪرڻ جي هدايت ملازم کي ريليف ڏيڻ سان گڏ معزز عدالت ڊويزنل فاريسٽ آفيسر (DFO) گھوٽڪي ضياد لغاري کي هدايت ڪئي آهي ته هو قبضا خورن خلاف ڪريڪ ڊائون واري مهم کي وڌيڪ تيزيءَ سان جاري رکي، وڻن جي حفاظت ڪري ۽ گھوٽڪي ضلعي جي ٻيلن ۾ نئين وڻ ڪاري ( reforestation) جو آغاز ڪري .