جيڪب آباد(ڊ ر) ايم اين اي اعجاز جکراڻي پاران ننڍي ڀاءٌ خلاف لاتعلقي کان پوءِ جيڪب آباد ايندڙ ننڍي ڀاءُ خلاف پوليس ڪارروائي ڪندي آزاد جکراڻي کي گرفتار ڪري ڪراچي منتقل ڪيو آهي. پيپلزپارٽي ايم اين اي مير اعجاز حسين جکراڻي پاران پنهنجي ننڍي ڀاءُ آزاد جکراڻي جي لاتعلقي ظاهر ڪرڻ کانپوءِ آزاد جکراڻي ٻن مهينن کانپوءِ جيڪب آباد پهتو ته پوليس آزاد جکراڻي جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پوليس آزاد جکراڻي کي مولاداد ڀرسان ڳوٺ ويندي گرفتار ڪري ورتو جنهن کي پوليس جي پهري هيٺ ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب جيڪب آباد پوليس آزاد جکراڻي کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ ڊفينس ٿاڻي منتقل ڪيو جتي وارث پهتا ته آزاد جکراڻي کي درخشان ٿاڻي آندو ويو پر ان جي گرفتاري ظاهر نه ڪئي وئي آهي. ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ته آزاد جکراڻي جي آزاديءَ جيڪب آباد ضلعي کان بيدخلي جو لکت ۾ شرط رکيو ويو آهي بيدخلي جي خاطري کان پوءِ ان جي آزادي کي مشروط بڻايو ويو آهي جڏهن ته آزاد جکراڻي جو وڏو ڀاءُ خالد جکراڻي جي ترڪي سفر تي هئڻ سبب معاملا طئي نه ٿي سگهيا آهن. ننڍي ڀاءُ آزاد جکراڻي جي گرفتاري جو ٻڌي هن ترڪي جو سفر اڌ ۾ ڇڏي ڪراچي لاءِ روانو ٿي ويو آهي جڏهن ته آزاد جکراڻي جي گرفتاري جي خبرن جي ِ ايس ايس پي ڪيپٽن ر فيضان علي ترديد ڪندي چيو آهي ته آزاد جکراڻي گرفتار نه ڪيو ويو آهي گرفتاري بابت خبرن ۾ صداقت ناهي جڏهن ته آزاد جکراڻي جي ڀائيٽي محمد نواز جکراڻي ڀاڻيجي بقا محمد جکراڻي گرفتاري جي تصديق ڪندي چيو آهي ته مولاداد ٿاڻي جي حد مولاداد شهر ڀرسان آزاد جکراڻي کي گرفتار ڪري ڪراچي منتقل ڪيو ويو جنهن کي ڪراچي جي ڊفينس ٿاڻي تي رکيو ويو اسان جي پهچڻ کانپوءِ ان کي درخشان ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو پر ان سان ملڻ نه ڏنو ويو آهي .
اعجاز جکراڻي جي پٽ جي وفات کان پوءِ سندس ننڍي ڀاءُ سان اختلاف وڌيا
جيڪب آباد: 26 اپريل 2026ع تي ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ پيپلزپارٽي ايم اين اي اعجاز جکراڻي جو ننڍو پٽ زيد جکراڻي فوت ٿي ويو هو جنهن کانپوءِ پ پ ايم اين اي اعجاز جکراڻي جا پنهنجي ڀاءُ سان اختلاف چوٽ چڙهي ويا ۽ هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ آزاد جکراڻي کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو هو جڏهن ته پيپلزپارٽي ايم اين اي اعجاز جکراڻي جي لاتعلقي کانپوءِ آزاد جکراڻي جي جيڪب آباد جي علائقي نورواهه وٽ قائم ٿيل پئٽرول پمپ ۽ بنگلي کي حددخليون ڄاڻائي مسمار ڪيو ويو هو جڏهن ته اعجاز جکراڻي جي لاتعلقي کان پوءِ آزاد جکراڻي پرڏيهه هليو ويو واپسي کان پوءِ ڪجهه عرصو ڪراچي ۾ ترسيو هن هلندڙ هفتي جيڪب آباد آيو آهي ته پوليس متحرڪ ٿي وئي ۽ ان کي گرفتار ڪري ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي .