ڪراچي/ڄام شورو (رپورٽ : ذوالفقار راڄپر+ صدرالدين جوڻيجو) ڪراچي ۾ ڪلفٽن ٽي تلوار واري علائقي ۾ ڦر دوران گولي لڳڻ سبب مارجي ويل ڊاڪٽر آڪاش جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون.جڏهن ته ڄام شوري ۾ ٻه جوابدار گرفتار ڪيا ويا آه. سرڳواسي ڊاڪٽر جي آخري رسمن ۾ وڏي انگ ۾ مائٽن، مائٽن ۽ هندو برادري شرڪت ڪئي. آخري رسمن ۾ ڪنهن به هندو توڙي مسلمان صوبائي وزيرن يا حڪومتي نمائندن شرڪت نه ڪئي، جنهن تي وارثن سخت احتجاج، مايوسي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو. ڪراچي جي ٽي تلوار واري علائقي ۾ ھڪ خانگي بئنڪ مان پئسا ڪڍرائيندڙ دوران ڦورن ۽ بئنڪ گارڊ وچ ۾ ٿيل فائرنگ جي نيتجي ۾ قتل ٿيل نوجوان ڊاڪٽر آڪاش ڪمار جي قتل واري واقعي ۾ مک جوابدار طور ٻن جوابدارن جي فرار ٿي حيدرآباد پھچڻ واري اطلاع تي پوليس جي جديد ٽيڪنالاجي ڪرڻ بعد ٻن جوابدارن جو پيڇو ڪيو ويو جنھن بعد ڄامشورو پوليس ۽ ڪراچي پوليس جي گڏيل ڪاروائي ۾ گذريل رات دير سان ٻن جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آھي. ان حوالي سان پوليس ذريعن مان مليل ڄاڻ موجب ٻئي جوابدار ڪراچي ۾ اھڙي ڦر جي واردات ڪري حيدرآباد طرف ھڪ ڪار ۾ سوار ٿي اچي رھيا ھئا تـ رات دير سان ايم 9 موٽروي لڳ ڄامشورو ٽول پلازا وٽ کين روڪي ٻن جوابدارن ڏھرڪي واسي رام چند سکر واسي ساگر کي گرفتار ڪري ٻنھي جوابدارن کي ڄامشورو اي سيڪشن ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪيو ويو بعد ۾ سنڌ حڪومت جي اھم ذميوار عملدارن گرفتار ٿيل ٻنھي جوابدارن کي ڦر دوران ڪجھ رقم ھٿ آيل رقم سميت جوابدارن کي ڪراچي واقعي واري حد جي پوليس حوالي ڪيو ويو آھي ان حوالي سان پوليس ذريعن جو چوڻ آھي گرفتار ڪيل جوابدار جي نشاندھي تي اڃا وڌيڪ اھم ڪاروايون ۾ اڳڀرائي ٿي آھي ڦر ڪري قتل ڪيل نوجوان ڊاڪٽر جي واقعي ۾ ملوث وڌيڪ جوابدارن کي ھٿ ڪرڻ ۾ اھم اڳبرائي ٿي سگھي ٿي ان ڪاروائي ۾ ڄامشورو پوليس جي ذريعن کان سواء ڪنھن بـ ذميوار پوليس عملدار اھڙي تصديق ناھي ڪئي جڏھن تـ ايس ايس پي ڄامشورو سان اسان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ان سان رابطو ناھي ٿي سگھيو
ڊاڪٽر آڪاش ڪمار جي قتل خلاف سکر ۾ احتجاجي مظاهرو
سکر ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ ڊاڪٽر آڪاش ڪمار جي قتل خلاف سکر ۾ لباس نيو ميڊيسن مارڪيٽ سکر بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ميڊيسن مارڪيٽ جي ھول سيل دوڪاندارن دوڪان بند ڪري ڊاڪٽر آڪاش ڪمار جون تصويرون ھٿن ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪندي انيل ڪمار ، اويناش ، وشال ڪمار ۽ ٻين چيو تہ ڊاڪٽر آڪاش ڪمار کان ڪراچي ۾ ڦر ڪرڻ دوران مزاحمت ڪندي کيس کي قاتلن ناحق قتل ڪري سندس جي خاندان کي اجاڙي ڇڏيو آھي ، ھنن وڌيڪ چيوته سنڌ ھندن لاءِ هڪ مقتل گاهه بڻجي وئي آهي ، ڪڏهن اسان جون نياڻيون اغوا ڪيون ٿيون وڃن تہ ڪڏهن وري اسان جي نوجوانن کي قتل ڪيو ٿو وڃي جيڪا ھندن لاءِ وڏي سازش ٿي رهي آهي ، ھنن اھو بہ چيو ته ڊاڪٽر آڪاش ڪمار ھڪ ذھين نوجوان ڊاڪٽر ھو جنھن کي قتل ڪري سندس جي خاندان جا خواب چڪناچور ڪري چڏيا آھن ، ھنن آئي جي سنڌ ، ھوم منسٽر ضياء الحسين لنجار ۽ ٻين کان مطالبو ڪندي چيو تہ ڊاڪٽر آڪاش ڪمار جي قتل واقعي ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي نہ ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ،