وزيراعظم پاران سعودي عرب تي حملن جي مذمت

اسلام آباد(ع آ نيوز) وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته پاڪستان گذريل رات برادر ملڪ سعودي عرب تي کليل حملن جي سخت مذمت ڪري ٿو. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته اهڙا  قابل مذمت قدم سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي ڀڃڪڙي آهن، هن سان امن ۽ استحڪام کي وڌيڪ نقصان پهچائڻ جو امڪان آهي. پاڪستان هن نازڪ وقت ۾ برادر ملڪ سعودي عرب سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو.

 

You might also like