اسلام آباد/لاهور (عمران شفقت) پنجاب جي سياست ۾ اڄڪلهه عوامي مفاد ۽ اشرافيه جي ڪاروباري مفادن جي وچ ۾ هڪ اهڙي خفيه جنگ ڇڙي چڪي آهي جنهن جا پيرا اربين رپين جي ريئل اسٽيٽ بزنس سان جڙيل آهن، جتي هڪ پاسي وزيراعليٰ مريم نواز جو گورننس ۽ سيفٽي تي ٻڌل بيانيو آهي ته ٻئي پاسي هڪ نهايت بااثر وفاقي وزير جي مالياتي سلطنت آهي جنهن تي هاڻي صوبائي حڪومت هٿ وڌو آهي، ۽ اهو تڪرار ان وقت شدت اختيار ڪري ويو جڏهن راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي (روڊا) شهر کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ هڪ هزار ساله ٻوڏ جي ماڊل تي 5 لک 86 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي محفوظ نيڪال لاءِ حفاظتي بند جو ڊيزائن تيار ڪيو ۽ وفاقي وزير جي هائوسنگ سوسائٽي ‘پارڪ ويو’ کي الٽيميٽم جاري ڪندي پير جي ڊيڊ لائن ڏئي آر ڊي 107 کان آر ڊي 121 تائين زمين جو فوري قبضو گهريو۔ هن منصوبي وفاقي وزير جون ننڊون ان ڪري اڏائي ڇڏيون آهن ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن قانوني ضابطن موجب بند ٺهيو ته اتي هڪ ‘بفر زون’ ڇڏڻو پوندو جنهن جي نتيجي ۾ درياهه جي بيڊ تي غيرقانوني طور آباد ڪيل انهن جو هڪ پورو هائوسنگ فيز ٻڏي ويندو، ۽ اهو ئي سبب آهي جو هو اصرار ڪري رهيا آهن ته هو پنهنجو بند پاڻ ٺاهيندا ته جيئن پنهنجو منافعو بچائي سگهن، ڀلي ان سان سڄو شهر خطري ۾ ڇو نه پوي۔ واضح رهي ته گذريل سال جڏهن لاهور ۾ ٻوڏ جو پاڻي داخل ٿي رهيو هو ۽ مريم اورنگزيب، رانا سڪندر حيات ۽ سلمان رفيق جهڙا صوبائي وزير گوڏن تائين پاڻي ۾ بيهي عوام کي رليف ڏئي رهيا هئا، ان وقت به انهن ريئل اسٽيٽ ٽائيڪون جو ڌيان صرف پنهنجي منافعي تي هو جن منافعي جي هوس ۾ انساني جانن کي اهڙي جاءِ تي آباد ڪيو جيڪا قانوني ۽ ٽيڪنيڪي طور رهائش لائق ئي نه هئي ڇو ته هتي زمين ايڪڙن ۽ لکن ۾ خريد ڪري ڪروڙين رپين في مرلا وڪرو ڪئي ويندي آهي جنهن ۾ منشيات جي ڪاروبار کان به وڌيڪ منافعو آهي هاڻي جڏهن ڪاروباري مفادن تي هي ڌڪ لڳو ته وفاقي وزير پنهنجي ٽي وي چينل ۽ مهانگن ترين اينڪرن جي فوج کي بطور پريشر گروپ استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، هي اهو ئي چينل ۽ وزير آهن جن بابت هڪ روڊ جي حوالي سان پلوشه خان انڪشاف ڪري چڪي آهي ته اهو سمورا قانون ٽوڙي سڌو انهن جي سوسائٽي جي دروازي تائين ٺاهيو ويو هو، ۽ هاڻي انهيءَ ئي ميڊيا هائوس حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ وزيراعليٰ جي دل جي ويجهو سمجهيل ‘سٿرا پنجاب’ پروگرام کي نشانو بڻائيندي صفائي ڪندڙ آئوٽ سورسڊ ملازمن جي پگهارن جو مسئلو اهڙي طرح پيش ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ڄڻ حڪومت غريبن جون پگهارون کائي رهي هجي، جڏهن ته حقيقت ۾ هي سڀ روڊا طرفان زمين جي قبضي ۽ سيلابي بند جي تعمير روڪڻ جو ردعمل آهي۔ هي تڪرار هاڻي صرف ٻن سياستدانن جو نه رهيو آهي پر رياستي نظام ۽ اشرافيه جي قبضي جي جنگ بڻجي چڪو آهي ۽ وزيراعليٰ مريم نواز لاءِ هڪ سخت امتحان آهي ته ڇا هو پنهنجي اتحادي وفاقي وزير جي دٻاءُ ۽ ميڊيا مهم آڏو جهڪي لاهور جي شهرين جي زندگين کي اشرافيه جي ڪاروباري مفادن جي ڀيٽ چڙهڻ ڏيندي يا پوءِ قانون جي بالادستي قائم ڪندي شهر کي مستقبل جي تباهي کان بچائيندي۔