ڪراچي(رپورٽر)چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ سومر ڏينهن ڪڻڪ جي دستيابي، اٽي جي موجوده اگهن ۽ پوري صوبي ۾ ڪڻڪ جو ذخيرو ڪندڙن ۽ غير قانوني ذخيرن خلاف جاري مهم جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ چيئرمين چيف منسٽر انسپيڪشن ٽيم بلال ميمڻ، سيڪريٽري خوراڪ غلام عباس نائچ، ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن بلاول ابڙو ۽ خوراڪ کاتي جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پوري سنڌ ۾ غير قانوني طور ڪڻڪ ذخيرو ڪري ان کي مارڪيٽ ۾ وڪرو لاءِ روڪيندڙ عنصرن خلاف انٽيليجنس بنيادن تي جاري انتظامي ڪاررواين جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صوبائي ڪابينا جي فيصلي موجب هيل تائين 15 لک 44 هزار 194 ٻوريون ڪڻڪ، جيڪا هڪ لک 54 هزار 419 ڏهائي 40 ميٽرڪ ٽن ٿئي ٿي، سرڪاري قبضي ۾ ورتي وئي آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اها مقدار هلندڙ سال ڪڻڪ خريداري مهم دوران حڪومت طرفان خريد ڪيل ڪڻڪ جي مجموعي مقدار کان لڳ ڀڳ ٻيڻي آهي. چيف سيڪريٽري سنڌ ضلعي انتظاميه، خوراڪ کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي گڏيل ۽ اثرائتين ڪاررواين کي ساراهيندي چيو ته حڪومت جي لڳاتار قدمن سبب ذخيرو اندوزي ۽ قياس آرائي تي ٻڌل واپار جي همت شڪني ٿي آهي، مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي دستيابي بهتر ٿي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ پوري صوبي ۾ اٽي جي اگهن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. چيف سيڪريٽري واضح ڪيو ته ڪنهن به لائسنس يافته واپاري کي ڪڻڪ جي وڪري کي روڪڻ، مصنوعي کوٽ پيدا ڪرڻ يا اگهن ۾ هٿ چراند ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.