لاڙڪاڻو(پ ر)جيئي سنڌ محاذ جو دستوري اجلاس قائم مقام چيئرمين عزيز الله ڀٽو جي صدارت ۾ ٿي گذريو اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تـ سنڌ درياءَ تي پنجاب جي قبضي پريا ڪماري اجالا سولنگي سميت گم ٿيل نياڻين جي بازيابي لاءِ 19 جولاءِ تي سموري سنڌ جي اندر مظاھرا ڪيا ويندا اجلاس ۾ چيو ويو تـ سنڌو درياءَتي پنجاب جو مستقل قبضو آھي وڌيڪ نوان ڊيم ۽ ڪئنال ٺاھڻ تي پنجاب بـ ضد آھي جلال پور ۽ غازي پور منصوبن تي ڪم ھلي رھيو آھي اڳواڻن چيو ته پيپلزپارٽي پنهنجي اقتدار کي ڊيگھه ڏيڻ لاءِ سنڌو درياءَ پنجاب کي لکي ڏئي ڇڏيو آهي سنڌ جا وسيلا پنجاب تي خرچ ٿي رھيا آھن سنڌ جو پئسو پنجاب جي پارڪن ۽ اسڪولن اسپتالن تي خرچ ڪيو پيو وڃي جيڪا سنڌ جي ماڻھن سان سراسر نا انصافي ۽ دوکو فريب آھي اجلاس ۾ سيد نواز شاھ ڀاڏائي ،غفار ميرجت، ذوالفقار بليدي ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي، اياز سولنگي، ڪمال مھر، نظير شيخ، عمران منگي، نظام ڪلوڙ، گامڻ خان شر فريد خاصخيلي ٻيا شريڪ ٿيا