ڪراچي(عوامي آواز نيوز) اڳوڻو ميئر ڪراچي وسيم اختر ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اندروني اختلافن واري معاملي تي پارٽي جي ڪيترن ئي خاموش اڳواڻن سان گڏ اوچتو ڪراچي پريس ڪلب پهچي ويو، جتي صحافين سان ڳالهائيندي هنن واضح ڪيو ته هن هنگامي ڳالهه ٻولهه جو بنيادي مقصد پنهنجي سوچ ۽ فڪر کي ايم ڪيو ايم جي غيرت مند ڪارڪنن تائين پهچائڻ آهي۔ وسيم اختر پارٽي جي اڳواڻن خالد مقبول صديقي ۽ مصطفىٰ ڪمال جو نالو وٺڻ کانسواءِ مٿن سخت تنقيد ڪندي چيو ته اڄ ايم ڪيو ايم جن سخت اختلافن جو شڪار آهي ماضي جي تاريخ ۾ اهڙو ڪڏهن به نه ڏٺو ويو، ۽ سڀني کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪنهن ٺاڪر نه پر غريب ڪارڪنن رت ۽ پگهر وهائي ٺاهي هئي پر انتهائي افسوس جو مقام آهي ته اڄ اندروني اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي قيام بابت پنهنجا ئي ماڻهو تڪراري ڳالهيون ڪري رهيا آهن۔ هن تاريخ جو حوالو ڏيندي صاف موقف اختيار ڪيو ته ايم ڪيو ايم 22 آگسٽ 2016 تي نه پر 18 مارچ 1984 تي ٺهي هئي، تنهن ڪري پارٽي چيئرمين بڻجڻ جا خواهشمند سڀئي اميدوار اڃا وقت جو انتظار ڪن ڇاڪاڻ ته انهن موجوده اختلافن سبب ڪارڪن گڏ ٿيڻ بدران ورهائجندا پيا وڃن ۽ اسان جي هن باهمي ويڙهه سبب پنهنجا ۽ پرايا سڀ اسان تي طنز ڪري رهيا آهن۔ هن چيو ته اڄ جيڪڏهن اسان کي بقا گهرجي ته ايم ڪيو ايم جي انهيءَ پراڻي نظم و ضبط کي اپنائڻو پوندو، اهو به هڪ سنهري وقت هو جڏهن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي قيام لاءِ ملڪ جون وڏيون سياسي جماعتون ايم ڪيو ايم جي در تي اينديون هيون پر اڄ اسان پاڻ ۾ ئي وڙهي رهيا آهيون ته پوءِ شهر جي حقن لاءِ روڊن تي نڪري جدوجهد ڪيئن ڪري سگهنداسين، جڏهن ته انهيءَ پريس ٽاڪ دوران وسيم آفتاب به سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جن ماڻهن کي انٽرا پارٽي چونڊن جو بنيادي طريقو به معلوم ناهي، اڄ اهي به پارٽي جو چيئرمين بڻجڻ جون وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن۔