ڪراچي(رپورٽر) اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن (صوبائي) محمد امين الله صديقي 8 جولاءِ 2026ع تي جاري ڪيل حڪم ۾ ايڊيشنل آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي آهي ته شڪايت بابت تفصيلي رپورٽ 23 جولاءِ تائين عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي.اينٽي ڪرپشن عدالت پاران ايڊيشنل آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي .ڪراچي پوليس جي سيڪيورٽي ونگ ۾ مبينا وڏي پيماني تي ڪرپشن، پوليس اهلڪارن کي بااثر شخصيتن، بلڊرن ۽ ڪاروباري ماڻهن کي غير قانوني سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ، سرڪاري اختيارن ۽ وسيلن جي مبينا غلط استعمال واري معاملي تي اينٽي ڪرپشن عدالت اهم ڪارروائي ڪندي ايڊيشنل آءِ جي سنڌ کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.عدالتي دستاويزن موجب وڪيل غلام اڪبر جتوئي اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن جي عدالت ۾ سڌي شڪايت داخل ڪئي، جنهن ۾ ڊي آءِ جي سيڪيورٽي ڊاڪٽر مقصود ميمڻ، ايس پي سيڪيورٽي ون محمود راجپوت سميت ٻين نامعلوم ماڻهن کي جوابدار بڻايو ويو آهي.وڪيل غلام اڪبر جتوئي پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪراچي پوليس جي سيڪيورٽي ونگ جا لڳ ڀڳ 100 پوليس اهلڪار مبينا طور غير قانوني طريقي سان بااثر نجي شخصيتن، بلڊرن، ڪاروباري ماڻهن ۽ ٻين بااثر حلقن جي سيڪيورٽي لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته انهن مقررين جي عيوض هر اهلڪار کان 25 هزار کان هڪ لک رپين تائين مبينا غير قانوني وصوليون ڪيون وڃن ٿيون.شڪايت موجب ڪيترن ئي پوليس اهلڪارن کي 25 هزار کان 30 هزار رپيا ماهوار وٺي سرڪاري ڊيوٽي تان غير حاضر رکيو وڃي ٿو، جڏهن ته اهي نجي نوڪريون ڪرڻ باوجود سرڪاري پگهارون پڻ وصول ڪري رهيا آهن، جنهن سبب قومي خزاني کي نقصان پهچڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سرڪاري رڪارڊ ۾ انهن اهلڪارن کي ڊيوٽي تي ظاهر ڪيو وڃي ٿو، پر عملي طور اهي سرڪاري ذميواريون نٿا نڀائين، جنهن سبب نه رڳو سرڪاري وسيلن جو زيان ٿي رهيو آهي، پر پوليس جي ڪارڪردگي ۽ عوامي سيڪيورٽي پڻ متاثر ٿي رهي آهي.عدالتي شڪايت ۾ پي سي زاهد، پي سي عثمان، پي سي سجاد اقبال، پي سي رضوان، پي سي آصف رحيم، اي ايس آءِ افضل ۽ اي ايس آءِ نائيڪ محمد سميت ٻين اهلڪارن جا نالا پڻ شامل ڪيا ويا آهن، جن بابت دعويٰ ڪئي وئي آهي ته کين مبينا طور غير قانوني انتظامن تحت مقرر ڪري ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي.درخواست ۾ الزام هنيو ويو آهي ته ايس پي سيڪيورٽي ون محمود راجپوت ۽ ڊي آءِ جي سيڪيورٽي ڊاڪٽر مقصود ميمڻ مبينا طور انهن غير قانوني مقررين جي نگراني ڪري رهيا آهن