پريا ڪماري بازياب نه ٿيڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ پاران گڊو ۾ ريلي

گڊو (رپورٽ شفقت ڀيو)” پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو” ” سنڌو تي ڌاڙو نامنظور” ” سنڌ جو سودو نامنظور ” قومي عوامي تحريڪ جي مرڪز پاران متحد ۽ مظبوط سنڌ جي نعري تي ڪشمور ۾ قومي عوامي  تحريڪ، سنڌ ترقي پسند پارٽي، عوامي ورڪرز پارٽي، شھري ايڪشن ڪميٽي پاران ڪشمور ۾ علمدار چوڪ کان ھڪ گڏيل ريلي سجاد بروھي، عبدالحميد ملڪ، فدا محمداڻي،  مھراڻ ڪلوڙ، رشيد احمد ميمڻ، عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ سعيد کوسو، شھري ايڪشن ڪاميٽي ڪشمور جي چيئرمين حاڪم ڀٽي، سنڌ ترقي پسند پارٽي تعلقه ڪشمور جي صدر رفيق چنو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪشمور جي علمدار چوڪ کان ھڪ ريلي ڪڍي وئي ريلي شھر جي لڇو چوڪ، واحدو چوڪ، مسلم بازار سميت مختلف رستن کان ٿيندي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڪشمور پھتي جڏهن ته ريلي دوران حيا ڪيو شرم ڪيو معصوم ٻارڙي پريا ڪماري سميت سڀني مغوي ٻارڙن کي بازياب ڪرايو، سنڌ سڪائڻ سنڌو تي ڌاڙو نامنظور، ڪرسي خاطر سنڌ جو سودو نامنظور جا زوردار نعرا لڳايا پئي ويا جڏهن ته اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ مخالف سنڌ جي پاڻي، قدرتي وسيلا، زمينون، گئس، تيل، ڪوئلو، شهر، بندرگاھ ، جبل، معدنيات سميت سنڌ جا وسيلا ڦٻائڻ لاءِ اسان سنڌين کي ذات پات، برادري، نسل، قبيلن، فرقن ۽ مفادن جي بنياد تي پاڻ ۾ وڙهائي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ناڪام منصوبا جوڙيندا رهن ٿا ان سموري سازشن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ دشمن جي ويرين سان ڀاڱي ڀائيوار آهي ھنن وڌيڪ چيو ته گذريل 18 ورھين کان سنڌ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪمراني آهي جنهن سبب سنڌ جي تعليم تباھ ٿي وئي آهي صحت جي سھولت ناھي ڏينهن ڏٺي ٻارڙا اغوا ٿين ٿا پاڻي تي ڌاڙو لڳڻ سبب زراعت تباھ آهي پر پاڪستان پيپلزپارٽي کي اقتدار حاصل ڪرڻ جي لالچ آهي

 

You might also like