ڪراچي/لاهور(رپورٽر/بيورو ) ملڪ جي وڏن شهرن ڪراچي ۽ لاهور ۾ منافعي خورن اٽو مهانگو ٿيڻ کان پوءِ نان به مهانگو ڪري ڇڏيو آهي. لاهور ۾، نان وڪرو ڪندڙ ايسوسيئيشن ڪڻڪ ۽ اٽي جي وڌندڙ قيمتن جو بهانو بڻائيندي، ماني 20 رپين ۾ ۽ نان 14 رپين کان 30 رپين ۾ وڪڻڻ جو اعلان ڪيو هو. انتظاميا ان تي خاموش رهي، هاڻي يونائيٽيڊ نان بائي ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته 20 ڪلو اٽي جي قيمت 2400 رپيا ۽ ميدي جي قيمت 12,000 رپيا هجڻ سان اهي نان 35 رپين ۾ ۽ سادي روٽي 25 رپين ۾ وڪڻڻ وارا آهن. جيڪڏهن روڪيو ويو ته اهي احتجاج طور تندور بند ڪري ڇڏيندا.نان بائي ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته اهي مهانگي اٽي، مهانگي ايل پي جي ۽ ٿيلهين سان سرڪاري شرح تي 16 رپين ۾ ماني نٿا وڪرو ڪري سگهن. ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته هڪ ڀيرو قيمت وڌي وئي آهي ته ان کي ٻيهر وڌائڻ جو ڪو به جواز ناهي، عوام سستي ماني کان محروم نه رهندو، قيمتن ۾ ڪنهن به هڪ طرفي واڌ خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي طرف، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ماني جي قيمت ۾ به 5 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي ۽ 20 رپين جي ماني 25 رپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي.