پنج سال سروس مڪمل ڪندڙ ملازمن لاءِ وڏي خوشخبري

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (پيسڪو) پنج سال سروس مڪمل ڪندڙ ملازمن جي اپ گريڊيشن جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جڏهن ته گهربل دستاويز جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 10 آگسٽ مقرر ڪئي وئي آهي.
تفصيل موجب، پيسڪو اسسٽنٽ لائن مين، لائن مين ون ۽ لائن مين ٽو جي اپ گريڊيشن لاءِ اهل ملازمن کان ضروري رڪارڊ طلب ڪيو آهي.
ان سلسلي ۾ پيسڪو سرڪل پشاور طرفان جاري ڪيل خط ۾ چيو ويو آهي ته رڳو اهي ملازم اپ گريڊيشن لاءِ اهل هوندا، جن گهٽ ۾ گهٽ پنج سال سروس مڪمل ڪئي هوندي.
اهل ملازمن کي ساليانو ڳجهون رپورٽون (اي سي آرز)، مڪمل سروس رڪارڊ، فٽنيس سرٽيفڪيٽ، کاتي جي ڪليئرنس، آڊٽ ڪليئرنس ۽ انضباطي ڪليئرنس جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
پيسڪو واضح ڪيو آهي ته سڀئي گهربل دستاويز 10 آگسٽ تائين جمع ڪرائڻ لازمي آهن، جڏهن ته اڻپوريون يا دير سان جمع ٿيل درخواستن تي غور نه ڪيو ويندو.
ڪمپني سڀني اهل ملازمن کي هدايت ڪئي آهي ته هو مقرر وقت اندر سمورا ضروري دستاويز ڪري جمع ڪرائين، جيئن اپ گريڊيشن جو عمل وقت سر مڪمل ٿي سگهي.

You might also like