ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌي شاگرد سٿ چيو آهي ته 9 جولاءِ 2026ع تي ڪراچي يونيورسٽي ۾ استادن ۽ شاگردن تي ٿيل حملي جي معاملي ۾ پوليس تي مبينا سياسي دٻاءُ سبب واقعي واري ڏينهن کانپوءِ ڪنهن به وڌيڪ جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي، جڏهن ته جوابدار اڃا تائين يونيورسٽي اندر آزادانه گهمندي مختلف شاگردن کي هراسان ڪري رهيا آهن.
سنڌي شاگرد سٿ جي جنرل سيڪريٽري معراج دايو جي اڳواڻي ۾ ڊسٽرڪٽ ايسٽ پريس ڪلب تي پريس ڪانفرنس کانپوءِ احتجاجي ريلي پڻ ڪڍي وئي.
ان موقعي تي متاثر استادن ۽ شاگردن کي جلد انصاف فراهم ڪرڻ، جوابدارن خلاف بنا ڪنهن امتياز جي قانوني ڪارروائي ڪرڻ ۽ شاگردن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
پريس ڪانفرنس دوران اڳواڻن چيو ته يونيورسٽي جي فوڪل پرسن ۽ اسٽوڊنٽ ايڊوائيزر ميڊم نوشين رضا واقعي دوران موجود هئي، تنهن هوندي به يونيورسٽي انتظاميا طرفان اڃا تائين ڪا واضح انتظامي ڪارروائي يا نوٽيس جاري نه ٿيڻ ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي رهيو آهي.
سنڌي شاگرد سٿ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر سنڌ پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ۽ ڪراچي يونيورسٽي انتظاميا به واقعي بابت واضح انتظامي قدم نه کنيا ته احتجاج جو دائرو سڄي سنڌ تائين وڌايو ويندو.
هنن اعلان ڪيو ته ڪراچي يونيورسٽي جي مين گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويندو، جيڪو متاثر استادن ۽ شاگردن کي انصاف ملڻ تائين جاري رهندو.
شاگرد اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڪراچي يونيورسٽي اندر هڪ مذهبي سياسي تنظيم کي سرڪاري اداري ۾ آفيسون ۽ سهولتون ڏيڻ واري معاملي جي به جاچ ڪئي وڃي.
هنن سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ لنجار ۽ يونيورسٽيز اينڊ بورڊز واري وزير اسماعيل راهو کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ قانون موجب ذميوارن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي.
ڪراچي يونيورسٽي واقعي تي 24 ڪلاڪن جو الٽيميٽم، جوابدار گرفتار نه ٿيا ته سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائينداسين: اڳواڻ
You might also like