ڪئنال نه ٺاهڻ جو نقصان سڄي قوم ڀوڳي پئي، ”منهنجو پاڻي، تنهنجو پاڻي“ واري سياست ختم ٿيڻ گهرجي: عابد شير علي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ عابد شير علي چيو آهي ته ڪراچي مان واپس اچڻ کانپوءِ کيس فزيوٿراپي ڪرائڻي پوي ٿي، ڇاڪاڻ ته شهر جي روڊ رستن جي حالت خراب آهي.
هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪراچي ۾ اهڙو ڪو به روڊ ٻڌايو جتي کڏا يا جهاڪا نه هجن، شهر ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي به موجود ناهي.
عابد شير علي، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته عمران خان پنهنجي عملن جي سزا ڀوڳي رهيو آهي ۽ حڪومت سندس خلاف ڪو به سياسي ڪيس داخل ناهي ڪيو.
هن چيو ته عمران خان ۾ اهڙي ڪهڙي سٺي ڳالهه آهي، جنهن جي هو واکاڻ ڪجي.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪو هڪ مهينو اٽڪ قلعي جي جيل ۾ گذاري، پوءِ جيڪو چوندو اهو مڃيندس.
عدت ڪيس بابت سوال تي عابد شير علي چيو ته هو نياڻين جو پيءُ آهي، تنهن ڪري ان معاملي تي ڪجهه نه چوندو، ڇو ته ڪنهن عدت دوران نڪاح ڪيو يا نه، اهو الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو.
هن چيو ته نواز شريف اڃا به سرگرم آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي شڪ هجي ته ساڻس ڪرڪيٽ کيڏي ڏسي.
پاڻي واري معاملي تي ڳالهائيندي عابد شير علي چيو ته” منهنجو پاڻي، تنهنجو پاڻ“واري سياست هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته ڪئنال نه ٺاهڻ سان سڄي قوم کي نقصان ٿئي ٿو ۽ ملڪ هر سال ٻوڏ سبب ٽن قسمن جا نقصان برداشت ڪري ٿو.

You might also like