ڪراچي (رپورٽر) ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ پاڻ ملهائيندڙ عامر نواز وڙائچ هڪ ڀيرو وري ڪراچي بار ايسوسيئيشن جو صدر چونڊجي ويو، ارشد شر جنرل سيڪريٽري طور ڪامياب ٿي ويو، ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي اليڪشن ۾ حسيب جمالي عامر نواز وڙائچ جي حمايت ڪئي، نتيجن موجب ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي چونڊن ۾ عامر نواز وڙائچ ميدان ماري ورتو، عامر نواز وڙائچ 2 هزار 63 ووٽ کڻي سوڀ ماڻي، جي ايم ڪورائي 648 ووٽ کڻي سگھيو، عزير غوري 893 ووٽ کڻي ڪراچي بار ايسوسيئيشن جو نائب صدر چونڊجي ويو، ارشد شر 1370 ووٽ کڻي ڪراچي بار ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري چونڊجي ويو، ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي چونڊن ۾ عامر نواز وڙائچ ميدان ماري ورتو، عامر نواز وڙائچ 2 هزار 63 ووٽ کڻي سوڀ ماڻي، جي ايم ڪورائي 648 ووٽ کڻي سگھيو، عزيز غوري 893 ووٽ کڻي ڪراچي بار ايسوسيئيشن جو نائب صدر چونڊجي ويو ، ارشد شر 1370 ووٽ کڻي ڪراچي بار ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري چونڊجي ويو، ارشد شر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته کٽرائيندڙن جا احسان، اميدن تي پورو لهندس، سنڌ جي اشوز تي ڪوبه ڪمپرومائيز نه ٿيندو، پريا ڪماري کي آزاد ڪيو وڃي، جڏهن ته جنرل سيڪريٽري طور ڪاميابي ماڻيندڙ محمد ارشد شر کي وڪيلن ڪلهن تي کڻي ورتو، ڪامياب پينل جي وڪيلن جون خوشي وچان دهلن تي جهمريون، ميڊيا سان ڳالهائيندي هڪ بيان ۾ عامر نواز وڙائچ چيو ته پريا ڪماري بابت آءِ جي سنڌ جي بيان کي رد ڪجي ٿو، هن موقعي تي اهڙا بيان نه ڏيڻ گهرجن، آءِ جي سنڌ کي پريا جي والدين وٽ وڃڻ گهرجي ها، معصوم نياڻي کي آزاد ڪيو وڃي، سنڌ جي مسئلن تي سوديبازي نه ٿيندي، جدوجهد جاري رهندي.