حادثي جو شڪار ڪارگو جهاز جو بليڪ باڪس نه مليو، جاچ ٽيم پهتي

اسلام آباد (بيورو) بلوچستان جي سامونڊي ڪناري ويجهو حادثي جو شڪار ٿيل ڪارگو جهاز جي جاچ لاءِ اسلام آباد کان آيل تحقيقاتي ٽيم پهتي جنهن جهاز جي مينٽيننس رڪارڊ جو جائزو وٺڻ سان گڏ سمنڊ مان هٿ آيل ملبي جو پڻ معائنو ڪيو، جاچ دوران جهاز جو وڌيڪ ملبو به سمنڊ مان ڪڍيو ويو، جڏهن ته حادثي جي سببن بابت مختلف پهلوئن  کان جاچ جاري آهي، اختيارين موجب جهاز جو بليڪ باڪس اڃا تائين هٿ نه اچي سگهيو آهي، جڏهن ته جهاز جي عملي جي پنجن گم ٿيل ميمبرن جي ڳولا به جاري آهي، واضح رهي ته خانگي ڪارگو ڪمپني جو جهاز شارجا کان ڪراچي اچي رهيو هو، جيڪو اڱاري جي رات بلوچستان جي سامونڊي علائقي ۾ حادثي جو شڪار ٿيو. جهاز ۾ عملي جا ڪل پنج ميمبر سوار هئا.

 

You might also like