سنڌ حڪومت قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ  مون سون، ٻوڏن، سخت گرمي جي لهرن ۽ ٻين موسمي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ اثرائتي هم آهنگي هڪ خوش آئند اڳڀرائي قرار ڏيندي  چيو آهي ته سنڌ حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ هر لحاظ کان مڪمل طور تي تيار آهي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ مون سون 2026ع جي حوالي سان صوبي جي تيارين، اڀرندڙ موسمي خطرن ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو،  قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ رٿابندي، بروقت فيصلا ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي.هن چيو ته نيڪسٽ جنريشن ارلي وارننگ سسٽم ۽ پريڊڪٽو ڊزاسٽر انٽيليجنس سسٽم جو نفاذ پاڪستان جي آفتن جي انتظام واري نظام ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي، هن وڌيڪ چيو ته موسمياتي تبديليءَ سبب پاڪستان کي گليشيئرن جي تيزيءَ سان ڳرڻ، اوچتين ٻوڏن، دريائن ۾ چاڙهه، شديد گرمي ۽ ڊگهي خشڪ سالي جهڙن سنگين خطرن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. اهڙين حالتن ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن وچ ۾ گڏيل حڪمت عملي ۽ اثرائتو رابطو وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت سمورن لاڳاپيل کاتن، ضلعي انتظاميا ۽ ريسڪيو ادارن سان مسلسل رابطي ۾ آهي، جڏهن ته مون سون دوران ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ گهربل وسيلا، مشينري ۽ امدادي انتظام هر وقت فعال رکيا ويندا، جيئن عوام جي جان ۽ مال جو هر ممڪن تحفظ يقيني بڻائي سگهجي.

 

You might also like