نوازشريف جا حڪم مڃڻ کان شهبازشريف انڪاري!شريف خاندان ۾ سرد جنگ؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينئر صحافي ۽ اينڪر حامد مير چيو آهي ته  ڪجهه وزيرن جي ڪارڪردگيءَ مان شهباز شريف بلڪل به مطمئن ناهي، پر شهباز شريف جي ڪارڪردگيءَ مان سندس پارٽيءَ اندر ڪيتريون ئي اهم شخصيتون مطمئن ناهن. ۽ جن اهم شخصيتن جي مان پارٽيءَ اندر ڳالهه ڪري رهيو آهيان، اهي اهڙيون شخصيتون آهن جن جي راءِ کي شهباز شريف رد نٿو ڪري سگهي هن چيو ته خاص طور تي مسلم ليگ نون اندر راءِ جو هڪ تمام وڏو اختلاف نظر اچي رهيو آهي نواز شريف ڪافي ڏينهن اڳ چيو هو ته آزاد ڪشمير ۾ جيڪا صورتحال آهي، ان کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ۽ اتي جيڪا هن وقت افراتفري ۽ سياسي ڇڪتاڻ واري فضا آهي، ان کي ختم ڪرڻ لاءِ ڊائلاگ (ڳالهين) جو رستو اختيار ڪيو وڃي،هن چيو ته نواز شريف اها ڳالهه مسلم ليگ نون آزاد ڪشمير جي اڳواڻن سان مشاورت کانپوءِ ڪئي هئي.پر توهان ڏٺو آهي ته سندس ڳالهه کي ڪافي ڏينهن گذري چڪا آهن، هڪ ٻن وزيرن، جيڪي مسلم ليگ نون جا آهن، انهن اهو ضرور چيو ته ‘نواز شريف صاحب جي ڳالهه اکين تي جناب، اسان ڳالهيون ضرور ڪنداسين’، پر اڃا تائين  ڳالهيون نه پيون ٿين. جيڪڏهن ڪنهن ڪوشش ڪئي به آهي ته ان جي سختيءَ سان  حوصلا شڪني ڪئي وئي آهي،هن چيو ته  شهباز شريف جي حڪومت ڪنهن به صورت ۾ ائين نٿي لڳي ته نواز شريف جيڪو کين مشورو ڏنو آهي، ان تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ تيار هجي.تنهنڪري اها پهرين نشاني آهي جيڪا اسان کي ٻڌائي رهي آهي ته نواز شريف شهباز شريف جي حڪومت کي هڪ مشورو ڏنو ۽ وزيراعظم ان مشوري کي بلڪل رد ڪري ڇڏيو آهي، ان تي ذري برابر به عملدرآمد ڪرڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي. ان مان اهو لڳي ٿو ته نواز شريف جي پاليسي ڪجهه ٻي آهي ۽ شهباز شريف جي پاليسي ڪجهه ٻي آهي،هن چيو ته اهو اهو معاملو آهي جيڪو اڳتي هلي مسلم ليگ نون اندر وڌيڪ اختلافن کي گهرو ڪري سگهي ٿو، هن چيو ته  ڪنهن دور ۾ ڪجهه ماڻهو چيو ڪندا هئا ته "نون مان شين نڪرندي”، ته ٿي سگهي ٿو اها ڳالهه صحيح ثابت ٿي وڃي.هن چيو ته  پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي حوالي سان چيو پيو وڃي ته شايد قلمدان تبديل ڪري کيس ناڻي وارو وزير بڻايو وڃي، تمام گهڻا وفاقي وزير، ناڻي واري وزير اورنگزيب   تي تنقيد ڪندا آهن پر جيڪي وزير مٿس تنقيد ڪندا آهن، مان هاڻي انهن کان پڇان ٿو ته توهان جي پنهنجي ڪهڙي ڪارڪردگي آهي؟ ته اهي چون ٿا جي ته ‘ها، اسان جي ڪارڪردگي بلڪل ٺيڪ آهي.’ مان چوان ٿو جيڪڏهن توهان جي ڪارڪردگي بلڪل ٺيڪ آهي ته اها گرائونڊ تي نظر ڇو نٿي اچي؟هن چيو ته  نواز شريف ڪئمپ چاهي ٿي ته بلال اظهر ڪياني کي ڪجهه وزارتون ڏئي  وفاقي وزيربڻايو وڃي. ڪجهه ٻين وزيرن جي تبديلي به اهي چاهين ٿا. ڪجهه جيڪي نواز شريف جي تمام ويجهو آهن، ڪجهه سينيٽرز ۽ ايم اين ايز، اهي چاهين ٿا ته کين وزير بڻايو وڃي پر شهباز شريف ان سان اتفاق نٿو ڪري. تنهنڪري هڪ سرد جنگ هلي رهي آهي، هن چيو ته  ڏسنداسين ته هاڻي ايندڙ ڏينهن ۾ نواز شريف ڪيمپ جي ڳالهه مڃي وڃي ٿي يا نٿي مڃي وڃي.هن چيو ته  عمران خان جي پنهنجي سپورٽرز ۽ ووٽرن ۾  ساک  پنهنجي جاءِ تي قائم آهي. هو اڄ به مقبول اڳواڻ آهي پر سندس پارٽي وکريل آهي، هڪ ٻئي جي خلاف سازشون ڪندڙ پارٽي آهي. عمران خان جا گهر ڀاتي کيس آزاد ڪرائڻ لاءِ احتجاج ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ۽ پارٽي ڪوشش ڪندي آهي ته اهو احتجاج ڪامياب نه ٿئي. هن وقت  عمران خان جي خاندان ۽ پارٽي جي ڪجهه اڳواڻن جي وچ ۾ هڪ سرد جنگ هلي رهي آهي. ان سرد جنگ کي ختم ڪرڻ لاءِ به ڪجهه ماڻهن وڏي ڪوشش ڪئي آهي پر اها ڪوشش ڪامياب نه پئي ٿئي اهو ئي سبب آهي جو عمران خان جي آزاديَ لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف ڪا وڏي هلچل ناهي پيدا ڪري سگهي، پارٽي جا وڏا وڏا ليڊر سمجهوتو ڪري ويٺل آهن،هن چيو ته پاڪستان جي آسپاس جيڪي حالتون بڻجڻ واريون آهن ۽ خاص طور تي مونکي لڳي رهيو آهي ته ڀارت سان ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيڻ وارو آهي، ته اهڙي صورتحال ضرور پيدا ٿي سگهي ٿي جنهن ۾ حڪومت جيڪڏهن واقعي سمجهي ٿي ته پاڪستان جا جيڪي دشمن آهن، انهن جي سازشن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پاڪستان ۾ قومي يڪجهتي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ته کيس عمران خان کي آزاد ڪري ڇڏڻ گهرجي. مان اهو چوان ٿو ته ‘ آزاد ڪري ڇڏڻ گهرجي.

نوازشريف عوام جي پاسي، شهبازشريف، اسٽيبلشمينٽ کي رام ڪرڻ ۾ رڌل

اسلام آباد/لاهور(سجاد انور) عمران خان لاءِ اڳ ۾ به ڪيترن ئي ماڻهن ڪوشش ڪئي هئي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ سندس وچ ۾ جيڪو جهڳڙو آهي، ان کي ڪنهن طريقي سان ختم ڪري هڪ رستو ٺاهيو وڃي ته جيئن  شيون نارمل ٿين. پر اهي ڪوششون بار بار ناڪام ٿينديون رهيون آهن. ان جو سبب اهو آهي ته اسٽيبلشمينٽ طرفان ڪا جلدي ناهي، هو کيس جيل ۾ وجهي ڄڻ وساري ويٺا آهن. هاڻي عمران خان جا ڪجهه حمايتي، جن جو انهن سرڪلز ۾ اثر رسوخ آهي، اهي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ملڪ ۾   افراتفري آهي، ان کي ختم ڪرڻ لاءِ عمران خان کي ڪجهه رعايتون ڏنيون وڃن ٻئي پاسي نواز شريف   ۽ شهباز شريف جي وچ ۾ سرد جنگ هلي رهي آهي،معتبر ذريعا  ٻڌائين ٿا ته نواز شريف وزيرن مان خوش ناهن. هو چاهي  ٿو ته محمد اورنگزيب کان ڪجهه کاتا واپس ورتا وڃن ۽ بلال ڪياني کي وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪيو وڃي. جڏهن جنرل پرويز مشرف ميان نواز شريف کي جدي موڪليو هو ان وقت اسٽيبلشمينٽ مجيد نظامي ذريعي نواز شريف کي پيغام موڪليو هو ته جيڪڏهن توهان اڳتي وڌڻ چاهيو ٿا ته شهباز شريف کي پارٽي جو صدر بڻائي ڇڏيو. ان وقت نواز شريف کي پهريون ڀيرو احساس ٿيو هو ته شهباز شريف اسٽيبلشمينٽ لاءِ ڪيتري پسنديده شخصيت آهي. اڄ اهو ئي پيغام عمران خان کي ڏنو پيو وڃي ته بشريٰ بيبي کي ٻاهر ڪڍو ته شايد ڳالهيون اڳتي وڌي سگهن، ڄڻ بشريٰ بيبي پي ٽي آئي لاءِ شهباز شريف ثابت ٿئي.شهباز شريف وزيراعظم آهي، سندس سڀ کان وڏي مهارت اها آهي ته هو اسٽيبلشمينٽ سان ڪڏهن به ناراضگي اختيار ناهي ڪندو. ٻئي طرف وڏو ڀاءُ (نواز شريف) ۽ مسلم ليگ ن بطور سياسي پارٽي جو مسئلو هي آهي ته عوام مهانگائي ۽ بجيٽ جي ڪري ناراض آهي. هو چاهين ٿا ته عوام کي ڪجهه ريليف ڏئي پنهنجو سڪڙيل ووٽ بينڪ بحال ڪن. پر شهباز شريف جو موقف آهي ته ٻه ئي طريقا آهن؛ يا ته اسٽيبلشمينٽ جيڪو اسڪرپٽ ڏئي ٿي ان مطابق هلو ۽ جيڪي وزير (جهڙوڪ گهرو وزير يا ناڻي وزير) اهي ڏين ٿا، انهن سان گذارو ڪريو. ٻيو طريقو اهو جهيڙي جو رستو آهي جنهن جي ڪري نواز شريف اڳ ۾ ٽي ڀيرا اقتدار کان ڌار ڪيو ويو هو.نون ليگ چوي ٿي ته اسٽيبلشمينٽ جي ماڻهن کي هاڻي هٽائي اسان جا سياسي ماڻهو آندا وڃن ته جيئن ايندڙ اليڪشن تائين عوام کي ڪجهه ڏئي سگهون، پر اسٽيبلشمينٽ سمجهي ٿي ته جيڪڏهن سياسي ماڻهو آيا ته معيشت ۾ جيڪا ٿوري گهڻي  پائيداري  آئي آهي، اها به ختم ٿي ويندي. شهباز شريف هن وقت ٻنهي جي وچ ۾ سينڊوچ بڻيل آهي، هو آرمي چيف کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ جيڪڏهن وڏو ڀاءُ ناراض ٿيندو آهي ته کيس منائي وٺندو آهي.

 

You might also like