اسلام آباد (بيورو) نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي) ملڪ جي اهم موٽرويز، قومي شاهراهن ۽ ايڪسپريس ويز تي ٽول ٽيڪس ۾ نمايان واڌ ڪري ڇڏي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب نوان اگهه اڄ کان لاڳو ٿي ويا آهن ۽ اگهه هر قسم جي گاڏين تي لاڳو ٿي ويا، نوان اگهه ايم-1، ايم-3، ايم-4، ايم-5، ايم-14، هزاره ايڪسپريس وي، ڪوهاٽ ٽنل ۽ اسلام آباد-مري ڊوئل ڪيريج وي سميت مختلف رستن تي لاڳو ڪيا ويا، نوٽيفڪيشن موجب قومي شاهراهن تي ڪار لاءِ ٽول ٽيڪس 100 رپيا، ويگن لاءِ 200 رپيا ۽ بس لاءِ 300 رپيا مقرر ڪيو ويو، ايم-3 موٽروي تي ڪار لاءِ هڪ هزار، ايم-4 تي هڪ هزار 350 ۽ ايم-5 تي هڪ هزار 500 رپيا ٽول مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ويگنن، مني بسن ۽ بسن جي ٽول فيس ۾ به نمايان واڌ ڪئي وئي، اين ايڇ اي موجب نوان اگهه لاڳاپيل سڀني ٽول پلازن تي فوري طور لاڳو ڪيا ويا ۽ مسافرن کان نظرثاني ٿيل ٽول فيس وصول ڪئي پئي وڃي.