حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ آمريت قائم ڪري ڇڏي آهي جيترو سنڌي ماڻهن کي نشانو بڻائيندا، دٻاءُ ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪندا ته سنڌي ماڻھن ۾ وڌيڪ نفرت ۽ ڪاوڙ جنم وٺندي، سمنڊ ۾ پاڻي جو ڇوڙ فطري ضرورت آھي، ڪوٽڙي کان ھيٺ پاڻي نه ڇڏڻ ۽ سمنڊ ۾ پاڻي جو ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري تمر جا ٻيلا ختم ٿي رھيا آھن، ڊيلٽا تباھ ٿي رھيو آھي، سامونڊي پٽي جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آھي، درياھ سمنڊ کي پوئتي ڌڪي ٿو، گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضي جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مختلف ڪمپنين ۽ ادارن کي ڏئي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جو سنڌ دشمن منصوبو آهي، سنڌ جا ماڻھو پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت مان اميد ڪرڻ بدران سنڌو درياھ، زمينن، وسلين ۽ پنھنجي حقن لاءِ ۽ خراب حڪمراني خلاف جدوجھد تيز ڪن، اصل طاقت پورھيت، ھاري ۽ محنت ڪش عوام آھي. سنڌ جا ماڻھو مصلحتن خاموش ويھڻ ۽ ٻين جي اٿڻ جو انتظار ڪرڻ بدران پنھنجي حصي جو ڪردار ادا ڪن، ناانصافيون بدراشت نه ڪيو. حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪيو، حڪمران ڪمزور آھن. عوام جي خاموشي ڪرپٽ حڪمرانن کي طاقتور بڻائي ٿي.اياز لطيف پليجي چيو ته غريب، پورھيت، ھاري پنھنجي بنيادي حقن لاءِ ٻڌي ڪن قومي، انساني ۽ بنيادي حقن جي جدوجھد لاءِ اڳتي اچن. 18 سال ۾ ھڪ نئون نسل جوان ٿي وڃي ٿو. پ پ حڪومت سنڌ کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي. زراعت تباھ کي ھٿ وٺي تباھ ڪري ڇڏيو آهي.