خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)خيرپور ڀرسان فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ڪوٽ مير محمد ۾ گذريل ڏينهن ناريجا برادري جي ٻن ڌُرين وچ ۾ سڱاوتي تڪرار تان ٿيل جهيڙي ۾ قتل ٿي ويل ٻن عورتن سميت پنج ڄڻن جا لاش پوليس پاران وارثن حوالي نه ڪيا ويا. وارثن پاران ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج خيرپور منو مل جي عدالت ۾ لاشن جي حوالي سان مسمات عالما خاتون پاران وڪيل معرفت داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي، ڊي ايس پي پير جو ڳوٺ ۽ ايس ايڇ او فيض محمد ٻنڊو نويد مصطفي جماڻي کي 11 جولاءِ تي طلب ڪري تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي مسمات عالما خاتون پنهنجي وڪيل مبين ناريجو معرفت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي جنهن ۾ لاشن جي جنازي نماز ۽ تدفين لاءِ درخواست گذار جي حوالي ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج خيرپور منو مل پاران جاري ڪيل حڪم مطابق لاڳاپيل پوليس آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته 11 جولاء تي عدالت ۾ پيش ٿي ڪري واقعي بابت رپورٽ جمع ڪرائڻ آهي واضح رهي ته درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي 11 جولاء تي ٿيندي جنهن دوران پوليس رپورٽ جي روشني ۾ عدالت وڌيڪ قانوني ڪارروائي بابت حڪم جاري ڪندي.