بدين(ڊ ر) جيئي سنڌ محاذ طرفان تحفظ سنڌ مارچ جيڪو پريا ڪماري، اجالا سولنگي، فضيلا سرڪي جي بازيابي، سنڌو دريا مٿان پنجاب جي ڌاڙي خلاف ۽ سنڌ جي زمينن تي غير قانوني قبضي خلاف شاھنواز چوڪ کان ايوان صحافت پريس ڪلب طرف ويندي بلاول پارڪ وٽ پوليس رڪاوٽون وجهي ريلي کي منتشر ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. ي وئي اتي اڳواڻ ۽ ڪارڪن ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ريلي کي مرڪزي جنرل سيڪريٽري غفار ميرجت ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي راهول چولياڻي پرويز سنڌو خطاب ڪندي چيو ته ھي مارچ جيئي سنڌ محاذ ريلي نڪرڻ کان پھرين جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين سائين نواز شاھ ڀاڏائي ۽ ممتاز آريسر کي گرفتار ڪيو ويو آھي، ريلي تي پوليس جي اٽالان چڙھائي ڪري ريلي کي منتشر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اڳواڻن چيو ته سنڌ ھن وقت اڻ اعلانيل مارشلا جي ور چڙھيل آھي انساني حق معطل آهن جتي پر امن احتجاج ڪرڻ ڏوھ بڻيل آھي، پر امن قافلن کي رستا روڪ ڪري ريلي کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پيپلز پارٽي ھن مارشلائي نظام جو ساٿاري آھي، پيپلز پارٽي ٻارن جي اغوا ڪاري ۾ ملوث آھيسنڌ جا وسيلا سنڌ جي ماڻهن تي خرچ نٿا ڪيا وڃن زمينن تي ولار ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي سنڌ هٿ وٺي منشيات گردي کي عام ڪيو ويو جنهن ڪري نوجوان نسل کي ختم ڪيو ويو سنڌ ۾ سياست تي اڻ اعلانيل بندش آھي خاص طور تي جيئي سنڌ محاذ خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آھي جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٻئي طرف احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ وائيس چيئرمين نواز شاهه ڀاڏائي ممتاز آريسر کي صبح سائين ننڍو بدين روڊ تان گرفتار ڪيو ويو